بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي شهر جي بازارن ، روڊن ۽ چوراهن تي حد دخلين جو آزار، شهري پريشان

گهوٽڪي (س ر) گهوٽڪي شهر جي بازارن، روڊن، چوڪن ۽ چوراهن تي حددخليون وڌي ويون، شهرين جو پيادل هلڻ بهمشڪل بڻجي ويو آهي. جنهن جو چيئرمين ميونسپل ڪميٽي گهوٽڪي ڄام آصف رزاق خان ڌاريجو نوٽيس وٺندي چيف ميونسپل آفيسر گهوٽڪي قمر زمان انڊھڙ، فوڪل پرسن سڪندر علي لاکو کي شهر جو دورو ڪري غير قانوني حددخليون هٽائڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن بعد چيف ميونسپل آفيسر قمر زمان انڊھڙ، فوڪل پرسن سڪندر علي لاکو، اسدالله لاکو، انڪروچمينٽ انچارج آغا قربان پٺاڻ شهر جي مختلف علائقن شاهي بازار، ڪچھري روڊ، ميزائل چوڪ، اسٽيشن روڊ، قادرپور روڊ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪري دڪاندارن کي هدايت ڪئي ته هو غير قانوني حددخلين کان پاسو ڪن ۽ پنهنجو سامان پنهنجي دڪانن جي حد اندر رکن، ان موقعي تي چيف ميونسپل آفيسر گهوٽڪي قمر زمان انڊھڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي ڄام آصف رزاق خان ڌاريجو جي هدايتن تي شهر جو پيادل دورو ڪيو آهي جنهن ۾ دڪاندارن کي وارننگ ڏني وئي آهي ته غير قانوني حددخلين کان پاسو ڪن، ٻي صورت ۾ سندن سامان ضبط ڪري سندن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڪنهن کي به فوٽ پاٿن ۽ روڊن تي قبضا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته انڪروچمينٽ جي عملي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو روزاني جي بنياد تي غير قانوني حددخلين خلاف آپريشن ڪن ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو نه پوي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button