بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊوالھيار پوليس جو مبينا مقابلو،ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ٽنڊوالهيار/چمبڙ (نمائندن وٽان) ٽنڊوالھيار بي سيڪشن پوليس جو ڏوهارين سان مبينا مقابلو  ٻن ڄڻن  کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ چمبڙ روڊ بائي پاس تي  ڏوھه  جي ارادي سان گهمندڙ ٽي ڄڻن  موٽرسائيڪل سوار ھٿيار بندن سان مبينا مقابلو ٿي پيو  ٻنھين طرفن کان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾  ٻه ڄڻان  ھٿيار بند زخمي ٿي پيا جڏھن ته  سندس  ھڪ ساٿي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو  بي سيڪشن پوليس زخمي ڏوهارين  جي سڃاڻپ قربان ڊيشڪ ۽  عثمان لغاري جي نالي سان ٿي آھي ٻنھي ھٿيار بندن  کي علاج لاءِ سول اسپتال ٽنڊوالھيار منتقل ڪيو ويو  ٻنھي  زخمي ھٿيار بندن کي طبي امداد کان پوءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪري ڇڏيو  پوليس گرفتار جوابدار جي قبضي مان غير قانوني  ھڪ عدد پسٽل ۽ ھڪ عدد موٽرسائيڪل  هٿ ڪيو ويو آھي گرفتار ھٿيار بندن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي پوليس ترجمان ٻي پاسي ڏوهھ جي الزام ھيٺ آيل گرفتار زخمي  ھٿيار بندن جي وارثن پاران ٽنڊوالھيار بي سيڪشن ۽ سي آءِ اي پوليس تي الزام ھڻندي چيو آھي ته سي آءِ اي پوليس اسان جي نوجوانن کي بيگناھه ڪوڙو مقابلو ڏيکاري زخمي ڪيو ويو آھي  جڏھن ٽنڊوالھيار شھر  جي علائيقي واسين ۾ چئو ٻول ھلي رھيا آھن ته پوليس مقابلو ۾ الزام ھيٺ آيل ٻن ڄڻن کي سي آءِ پوليس موبائيل مارڪيٽ مان گرفتار ڪري رات جو ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاريو ويو آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button