بريڪنگ نيوزقومي

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ، ملڪ جي سياسي صورتحال سميت نگران سيٽ اپ تي ڳالهه ٻولهه

لاهور (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ٿي، جنهن ۾ سياسي معاملن ۽ نگران سيٽ اپ تي مشاورت ٿي. پ پ جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري لاهور ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي رهائشگاهه ماڊل ٽائون پهتو. ماڊل ٽائون پهچڻ تي وزيراعظم شهباز شريف، آصف علي زرداري جي آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، گڏوگڏ قومي اسيمبلي ٽوڙڻ ۽ ايندڙ نگران سيٽ اپ سميت ٻين معاملن تي به مشاورت ڪئي وئي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته بدقسمتي سان بجلي مهانگي ڪرڻي پئجي رهي آهي، بجلي مهانگي ڪرڻ آءِ ايم ايف جو شرط آهي پر گردشي قرضن سبب اسان جي ضرورت به آهي. لاهور ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن سان گفتگو ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجلي چوري سان به نقصان ٿي رهيو آهي، ٽرانسميشن لاسز آهن، بلن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، ٽيڪس نه ملندو ته پوءِ وڌيڪ ٽيڪس نه لڳائينداسين ته ڇا ڪنداسين؟ هن چيو ته بجلي جي قيمت ۾ واڌ آءِ ايم ايف جو مطالبو ته آهي پر گردشي قرض به آهي، تسليم ڪيان ٿو ته ٽيڪسن جي ڀرمار آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ سڀني ڪردار ادا ڪيو، چين گذريلن 3 کان 4 مهينن ۾ 5 ارب ڊالر ڏنا آهن، آمريڪي پرڏيهي وزير به آءِ ايم ايف سان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته  گذريل حڪومت جي غلط فيصلن سان معيشت کي نقصان ٿيو، سياسي مفادن خاطر ملڪي مفاد کي داءَ تي لڳايو ويو، موجوده حڪومت ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. اسان جي حڪومت جا 15 مهينا آمريڪا سان لاڳاپا درست ڪرڻ ۾ لڳي ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button