بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ اي سي پاران ڇاپن بعد ڏند چڪ وارو معاملو ڇڪتاڻ ۾تبديل

اسلام ڪوٽ(ن م )اسلام ڪوٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر نعيم شريف پاران گذريل ڏينهن شهر ۾ هنيل ڇاپن بعد واپارين وچ ۾ ٿيل ڏند چڪ وارو مامرو ڇڪتاڻ واري صورتحال اختيار ڪري ويو آهي،اي سي نعيم شريف ايس ايڇ او کي هڪ ليٽر جاري ڪندي واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جاري ڪيل ليٽر ۾ اي سي پاران واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي ۽ ٻين تي ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪرڻ جو الزام هنيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ شهرين ڪالھه ٻئي ڏينهن به مهانگائي خلاف احتجاج ڪندي اي سي جي حق ۾ نعريبازي ڪئي، فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ الهبچايو وڪيو، حاجي ڪنڀر، اشرف سمون، جعفر وڪيو، صدر بجير، روشن گرناڻي ۽ ٻين اي سي حمايت ۽ واپاري صدر تي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٽائون موڙ تي صبح 10 وڳي کان شام 6 وڳي تائين 8 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي،جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي شهر ۾ دهشت جي علامت بڻيل آهي، جيڪو هر وقت هر ڪنهن ماڻهو جي ڪنڌ ۾ پوي ٿو، انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪئي ته هن ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪندي اي سي کي پريشرائيز ڪرڻ سان گڏ گهٽ وڌ ڳالهايو،واپاري صدر منافعي خورن خلاف انتظاميا کي ڪارروائي ڪرڻ نه ٿو ڏي،جنهن سبب دڪاندار اگھه گهٽ ڪرڻ بدران غريب عوام کي ڦُري رهيا آهن، اسان جو مطالبو آهي ته واپاري صدر تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي،احتجاج ڪندڙن پاران اڄ شهر ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي،واپاري صدر ڪلديپ پارواڻي چيو آهي ته اڄ شهر کليل رهندو،ڪا به هڙتال نه ٿيندي،احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي،اسان کي ضلعي انتظاميا سيڪيورٽي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي،واپاري ۽ انتظاميا هڪ پيج تي آهن، هوڏانهن اي سي نعيم شريف چيو آهي پوليس منهنجي حُڪم باوجود نامزد ڪيل واپارين تي ڪيس داخل نه ٿي ڪري،اڄ ايس ايس پي سان ملي ايس ايڇ او خلاف شڪايت ڪندس،ڪيس هر صورت ۾ داخل ٿيندو،رابطي تي ايس ايڇ او ٻُڌايو ته اي سي صرف هڪ ليٽر واٽسپ ڪيو آهي،ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ فريادي سميت شاهد ۽ مُشير کي ٿاڻي تي اچڻو پوندو آهي،پر اسان وٽ ڪير به ناهي آيو،اي سي جو هر حُڪم مڃڻ لاءِ تيار آهيون پر حُڪم  قانون تحت مڃينداسين.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button