بريڪنگ نيوزسنڌ

شھدادپور ۾ سنڌ پوليس جي جوانن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ آءِ جي سنڌ سلامي ورتي

شھدادپور(ن م)شھدادپور ۾ سنڌ پوليس جي جوانن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ آءِ جي سنڌ سلامي ورتي، پوليس ٽريننگ ڪاليج شھدادپور ۾ ريڪروٽ ڪورس جي تربيت مڪمل ڪندڙ 470 مرد 262 عورت اھلڪارن سميت 732 پوليس اهلڪارن جي 175 ھين پائوسنگ آئوٽ پريڊ جي سلامي آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راجا، پرنسپال پي ٽي سي پي ايس پي ساجد امير سدزوئي جن وٺي پاس آئوٽ ٿيندڙ جوانن جي  پاسنگ آئوٽ پريڊ جو معائنو ڪيو. پاسنگ آئوٽ پريڊ جي شاندار تقريب ۾ مختلف کاتن جي سول آفيسرن، پوليس آفيسرن، معززن، تاجرن، شھرين، صحافين، تربيت حاصل ڪندڙن جي عزيزن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قومي تراني۽ ، حلف وفادري بعد آءِ جي سنڌ رفعت مختار راجا پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس عوام جو محافظ ادارو آھي. هن اداري ۾ 3 شيون ملنديون ڪم، آرام ۽ حرام جيڪڏھن اوهان ديانتداري سان عوام جو محافظ بڻجي ڪم ڪري منشيات، ڏوهارين خلاف جهاد ڪندو ته اوهان کي سماج ۾ عزت، شھرت ۽ ڪاميابي نصيب ٿيندي. جنهن سان اوهان جيڪو جيڪو الله سائين کي حاضر ناظر ڄاڻي حلف کنيو آھي، ان جو ڀرم رهندو پڻ سنڌ پوليس جو مورال بلند ڪرڻ ۾ سوڀارا ٿيندا. هن چيو ته آئون سموري سنڌ جي پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي هدايت ڪندس ته اهي آرام ۽ حرام کي ترڪ ڪري ايمانداري ۽ ديانتداري سان پنهنجي فرض جي ادائيگي ڪن ته جئين عوام جو محافظ بنجڻ وارو اسان کي مليل اعزاز جي عوام ۾ ساک برقرار رهي سگهندي، ان موقعي تي پي ٽي سي جي پرنسپال پي ايس پي ساجد امير سدزوئي خطاب ڪندي چيو ته پوليس جو هن تاريخي ۽ قديمي پوليس جي تربيتي اداري ۾ پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن کي عوام جو محافظ بڻجڻ لاءِ جديد طرز سان ساکائتي تربيت ڏني ويندي آھي. جنهن ۾ سنڌ پوليس، ايف آءِ اي، ريلوي پوليس، جيل پوليس، اسپيشل برانچ پوليس سميت پوليس جي سمورن کاتن جي تربيت شامل آھي. سپاس نامي ۾ هن پي ٽي سي جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ، هارس ڊوائيز قائم ڪرڻ، پئيڻ جي صاف پاڻي جي مشڪلات کي حل ڪرڻ ۽ جوانن کي تربيت ڏيڻ لاءِ سوئيمنگ پول جي ضرورت کي اوليت جي بنياد تي حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشل آءِ جي عبدالقيوم، ڊي آءِ جي ٽرينگ فضل الله ڪوريجو، ڊي آءِ جي زبير حبيب،  ڊي آءِ جي نوابشاهھ پرويز احمد چانڊيو، ايس ايس پي سانگهڙ صدام حسين خاصخيلي، برک زميدار مير نصر الله خان سنجراڻي، ايس ايس پي رخسار احمد کهاوڙ، ڊائريڪٽر تعليم نوابشاھه نصير احمد جوڳي، ڊي اي او تعليم سانگھڙ نياز احمد نائڇ، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر پرائمري محمد انور زرداري، چيئرمين حيسڪو عبدلغفور بروهي، انجمن تاجران سنڌ جي صدر جاويد احمد قريشي، شوڪت ملڪ، محسن جبار ميمڻ، پريس ڪلب شھدادپور رجسٽرڊ جو صدر شاد علي منگي، سينئر نائب انجم ٻگهيو، نائب صدر عبدالرشيد مگسي، جنرل سيڪريٽري غلام عباس ساند، خرانچي قاسم ڪلوئي، چيئرمين ورڪنگ ڪميٽي اسد جان ڏاهري  پريس ڪلب ورڪنگ ڪميٽي جي ميمبر پانڌي خان رند ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ تربيت حاصل ڪري پاس آئوٽ ٿيبدڙ ميل ۽ في ميل جوانن ڪامران طارق، محمد زاهد گل، عائشه زرين، ارم تنولي، رحمان الله، ارم عظيم ۽ ٻين کي بھترين ڪارڪردگي تي آءِ جي سنڌ پاران کين انعام ڏنا ويا. ان موقعي تي آءِ سنڌ ۽ ٻين کي پوليس ٽريننگ ڪاليج جي پرنسپل ساجد امير سدزوئي طرفان يادگار شمشير شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. پاسنگ آئوٽ جي تقريب ۾ پوليس جي جوانن مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ، ڌاڙيلن سان پوليس مقابلي جا ڪرتب ڏيکاري ھو جمالو سان سلامي آءِ جي سنڌ ۽ مهمانن کي سلامي پيش ڪئي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ پريس ڪلب شھدادپور جي صحافين سان ميڊيا ٽاڪ ڪندي چيو ته صحافين ۽ عوام جي تعاون سان سنڌ کي سنوارڻو آھي، پوليس جي نظام ۾ بھتري آڻي عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بنايو ويندو. افغانين جي نيڪالي  بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته افغاني ملڪي سطح جو مسئلو آھي. هيئر تائين ٻيهر 31 ڊسمبر تائين تاريخ ۾ وڌا ڪئي وئي آھي جن غير ملڪين وٽ ڪو به ڪاغذي ثبوت ناھي انھن غير ملڪين کي بخش نه ڪيو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button