بريڪنگ نيوزسنڌ

خيرپور ۾ شهري سان پلاٽ جي نالي تي 58 لک روپين جو فراڊ،9 سال گذرڻ باوجود قبضو ۽ کاتو نه مليو

خيرپور(مغل وٽان)جعفري محلي خيرپور جي رهواسين اثرم عباس جعفري پنهنجي زال مسمات ناياب جعفري سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته خيرپور جي معزز شخصيت ڊاڪٽر غلام قادر شيخ جو پٽ علي رضا شيخ 2014 ۾ اسان کي دستگير ڪالوني ديهه لقمان سروي نمبر 207 مان ايراضي اٽڪل 16 هزار 336 اسڪوائر فٽ  پلاٽ 65 لکن ۾ وڪرو ڪيو هو، جنهن جي مد ۾ 35 لک روڪ ايڊوانس  ۽ 23 لک قسطن ۾ وصول ڪيا آھن جنهن جا ثبوت موجود آھن، هنن چيو ته علي رضا شيخ وڪالت جي زور تي  نه پلاٽ جو قبضو ٿو ڏي نه وري پلاٽ جو کاتو ٿو، الٽو حق گهرڻ تان علي رضا شيخ ساٿين سميت اسان کي قتل ڪرائڻ، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پيو ڏي، جڏهن اسان جو خريد ٿيل پلاٽ تي علي رضا شيخ پاران غيرقانوني طريقي سان بااثر غلام قادر چانڊيو عبدالستار مهر ۽ ٻين وڪرو ڪري ڇڏيو آھي، هنن ٻڌايو ته اسان عدالت، پوليس ۽ وس وارن ڏانهن انصاف لاءِ پنڌ ڪندا رهيا آھيون پر انصاف ناهي مليو، هنن سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ڊي سي خيرپور، چيئرمين ضلع ڪائونسل خيرپور، ايس ايس پي خيرپور  سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button