بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي اي ايس پي پاران پوليس چيڪ پوسٽن جو دورو

گهوٽڪي(ڊر/ڪرائيم رپورٽر) ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير حسين تنيو جي خصوصي هدايتن تي اي ايس پي سيد عبدالرحمن شاھه جو بچاءُ بند تي قائم ٿيل نئين پوليس چيڪ پوسٽن جو دورو ۽ چيڪ پوسٽن جو جائزو ورتو ويو، چيڪ پوسٽن تي مقرر پوليس آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي، انهن جا مسئلا ٻڌا ۽ جلد حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، ڊيوٽي تي موجود آفيسرن ۽ جوانن جي حوصله افزائي ڪندي امن و امان کي برقرار رکڻ لاءِ ڪچي جي علائقي جو دورو ڪيو پوليس جوانن جا هٿيار چيڪ ڪيا ۽ صفائي بابت ضروري هدايتون ڏيندي ڪچي جي جرائم پيشه ماڻهن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ڪچي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سخت چيڪنگ ڪرڻ جون هدايتون ڏيندي چيو ته ڪچي طرف کان ايندڙ يا ويندڙ موٽرسائيڪلن، گاڏين ۽ ماڻهن جي سخت تلاشي ورتي وڃي، مشڪوڪ گاڏي يا ماڻهو تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ پوليس کي هرحال ۾ عوام سان خوش اخلاق ۽ مهذب طريقي سان پيش اچڻ گهرجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button