بريڪنگ نيوزسنڌ

جهنڊو مري ڀرسان ظالم پيءُ هٿان ڪهاڙين جا وار ڪري نياڻي قتل

جھنڊومري (ن م) جهنڊو مري جي اوقاف فارم جي ڀر واري ڳوٺ شاهجهان بروهي ۾ پيءُ حضوربخش بروهي مبينا طور پنهنجي ڌيءَ 19 سالا حبيبان بروهي کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو آھي. اطلاع بعد پيارولنڊ پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ناري جي وارثن ۾ سندس چاچي کان واقعي جو ڪارڻ معلوم ڪيو ته هن جو چوڻ ھو اسان سڀ شادي ۾ ويل هئاسون فون ذريعي اطلاع مليو آھي اسان کي خبر ناهي ته نياڻي جي قتل جو ڪارڻ ڇا آھي حد جي پوليس ٻڌايو ته وارثن پاران اصل حقيقت سامهون نه آيون آھن، ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال روانو ڪيو آھي  معاملي جي جانچ ڪري رهيا آھيون جلد ئي ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ جلد ئي جانچ بعد واقعي جي حقيقت ميڊيا سامهون آندي ويندي جڏهن ته  پوليس جو چوڻ هو ته جلد ئي جوابدار کي لاڪ اپ حوالي ڪيو ويندو جڏهن ته واقعي جي اصل حقيقت ۽ ڪارڻ هن مهل تائين معلوم ناهي ٿي سگهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button