بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو آدم پريس ڪلب جو اڳوڻو صدر ۽ سينيئر صحافي غلام شبير پنھور لاڏاڻو ڪري ويو

شھدادپور(س ر) سينيئر جاکوڙي صحافي پريس ڪلب ٽنڊو آدم جو اڳوڻو صدر غلام شبير پنھور لاڏاڻو ڪري ويو  سينئر صحافي اڳوڻي صدر پريس ڪلب شھدادپور مرحوم محمد رمضان پنھور جو وڏو ڀاءُ سينيئر صحافي پريس ڪلب ٽنڊو آدم جو اڳوڻو صدر غلام شبير پنھور ڊگھو عرصو بيمار رھڻ بعد ھن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو کيس فتح محمد شاھه بخاري ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو سندس جنازي نماز ۾ شھدادپور جو اڳوڻو تعلقي ناظم فقير حسين بخش خاصخيلي، فنڪشنل ليگ اڳواڻ محمد خان عرف ڀيا وساڻ، سينيئر صحافي نثار بالادي، نور سنڌي صدر پريس ڪلب شاد منگي، غلام عباس سانڌ، علي نواز سريوال، انجم ٻگھيو، الھجڙيو ھنڱورو، پانڌي خان رند شھدادپور۽ ٽنڊو آدم جي صحافي برادري سميت سياسي سماجي شخصيتن  شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button