بريڪنگ نيوزسنڌ

شهدادپور ۾ نوجوان زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي

شھدادپور(ن م) شھرجي ماريـ ٽائون جو رهائيشي نوجوان ٽن ٻارن جو پيءُ 30ورهين جو شبير احمد ولد نبي بخش سولنگي غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي گھر۾ پيل جيت ماردواپي ڇڏي جنھن کي بيھوشي واري حالت ۾ سمس اسپتال آندوويوجتي ڊاڪٽرن طبي امداد ڏئي حيدرآباد اسپتال روانو ڪيو ويو جتي نوجوان فوت ٿي ويو، نوجوان جي ڀائرن ليمون سولنگي، رفيق سولنگي، انورسولنگي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جو ڀاءُ ڪافي ڏينھن کان غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ھو، جنھن سبب گھر ۾موجود جيت مار دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي، نوجوان جي لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جنھن کي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button