بريڪنگ نيوزقومي

نگران وزيراعظم جو فيصلو ناهي ٿيو، فيڪ نيوز هلائي وئي: شيري رحمان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي پي جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته نگران وزيراعظم جي حوالي سان اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو ۽ نه ئي نالي جي مٽا سٽا ٿي آهي جيڪا رپورٽ ميڊيا ۾ هلي رهي آهي اها فيڪ آهي نگران حڪومت، نگران وزيراعظم لاءِ مشاورت جي حوالي سان قياص آرايون ٿي رهيون آهن چونڊن ۾ غير جانبداري گهرجي ٽه رڪني ڪميٽي ٺهي آهي ۽ مشاورت ۾ جيڪي ڳالهيون شروع ٿينديون اهي قيادت کي ٻڌائينداسين ۽ جيڪي به نالا هوندا اهي ٻڌايا ويندا اڃا ڪجهه طئي ناهي ٿيو اليڪشن ايڪٽ ڪميٽي ۾ آهي ترميم سڀني جي صلاح مشوري سان ٿيندي فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته وضاحت سان چوڻ چاهيان ٿي ته قياس آرائيون ضرور ٿي رهيون آهن ۽ پي پي جي حوالي سان ٻه ڳالهيون هر هر چيون ويون آهن پر اسان سان ڪو نالو شيئر نه ٿيو آهي هن چيو ته ميڊيا جي چند حلقن اهڙيون خبرون هلايون آهن جهڙوڪ چند نالا پڪا ٿي ويا آهن ۽ طئي ٿي ويو پر ايئن نه آهي پر اسان سان ان سطح جا نه ته نالا شيئر ٿيا آهن ۽ نه ئي پي پي طرفان ڪي فيصلا آياآهن شيري رحمان چيو ته ان جو مطلب اهو آهي ته پي پي ساڳي پوزيشن رکي آهي جيڪا اڳ هئي اها اسان جي آئين ۾ منجمند جمهوري پوزيشن آهي ته نگران حڪومت غير جانبدار هجي ته بهتر آهي هن چيو ته اسان جو اهڙو ڪوئي مطلب نه احي ته ڪوئي هجي يا نه هجي پر اهڙيون خبرون هلايون ويون آهن ۽ ايئن لڳي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي اٽڪل ڪابينه پوري ڪري ڇڏي آهي ته ايئن نه آهي هن چيو ته هي هڪ مشاورتي ۽ آئيني عمل هوندو آهي ۽ 18هين ترميم کان پو3 ان ۾ خاص شفافيت اچي وئي آهي ان ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ وزيراعظم هوندو آهي ۽ اتحاد کان باهر به جماعتون هونديون آهن هي ڪو هڪ يا ٻن پارٽين جو فيصلو ناهي هوندو.

جڏهن ته پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ فصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته  آصف زرداري دبئي ۾ ناهي ۽ نه ئي نواز شريف سان سندس ڪا ملاقات ٿي آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button