بريڪنگ نيوزسنڌ

نگران وڏي وزير جي صدارت هيٺ شاهراهه فيصل ۽ چوڪنڊي قبرستان جي سونهن وڌائڻ بابت جائزاتي اجلاس

ڪراچي (بيورو ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ شاهراهه فيصل ۽ چوڪنڊي قبرستان جي سونهن وڌائڻ بابت جائزاتي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايئرپورٽ سامهون بلڊر پاران ٺاهيل فلڪناز جي ٽن عمارتن جي مرمت ڪرائي ويندي جنهن جي شروعات 6 ڏينهن اندر ٿي ويندي جڏهن ته آرڪيٽيڪٽن پاران شاهراهه فيصل (ايئرپورٽ کان ريجنٽ پلازا) جي خوبصورتي جو پلان تيار ڪيو ويندو. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وزير ثقافت ڊاڪٽر جنيد شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ، سيڪريٽري ثقافت خالد چاچڙ، ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ۽ آرڪيٽيڪٽ ۾ علي نقوي، ارشد فاروقي، ياور جيلاني، عادل کيرائي، حفيظ حبيب، ڪليم لاشاري ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. شاهراهه فيصل: نگران وڏي وزير چيو آهي ته شاهراهه فيصل جي مرمت جو مقصد سندس خوبصورتي سان گڏ ڌيان ڇڪرائڻ کي وڌائڻ آهي، اشتهارن کي موزون بڻائڻ سان گڏوگڏ شهري ماحول کي هموار ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آرڪيٽيڪٽن کي ڏنل هدايتن ۾ ڊيزائن جي معيار، ناليواريون نشانيون، ڪنٽينٽ روٽيشن، روشنين جو ڪم، سار سنڀال ۽ ڪميونٽي ڪم شامل آهن. جسٽس باقر چيو ته آرڪيٽيڪٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته نشانيون گڏيل ڊيزائن جي ٻولي سان مطابقت رکن ٿيون جيڪا شهرين کي راغب ڪري ٿي. ڊجيٽل ٽيڪنالاجي جي مدد سان معياري سائيز کي ترجيح ڏني وڃي. اسڪرين تي هلندڙ مواد کي تبديل ڪرڻ لاءِ ايل اي ڊي اسڪرين ۽ ڊجيٽل بل بورڊ استعمال ڪيا وڃن. نگران وڏي وزير چيو ته شاهراهه فيصل جي سائنج پاليسي سان شهرين ۽ سياحن جي تجربي ۾ واڌ سان گڏ بهترين شهري ماحول پيدا ٿيندو. نگران وڏي وزير چيو ته فلڪ ناز جي ٽن عمارتن جي مرمت سان ايئرپورٽ جي سونهن وڌندي ۽ شاهراهه فيصل جي خوبصورتي ۾ پڻ اضافو ٿيندو. هن ايس بي سي اي جي ڊي جي کي هدايت ڪئي ته بلڊر تي زور ڀريو ته هو ايندڙ ڏينهن ۾ هن بلڊنگ جي فيس اپليٽنگ جو ڪم شروع ڪري ٻي صورت ۾ سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته شاهراهه فيصل ايئرپورٽ کان ريجنٽ پلازه 18 ڪلوميٽر آهي ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان خوبصورتي ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪي ايم سي جو باغباني کاتو وڻ پوکيندو ۽ ضرورت پوڻ تي لان تيار ڪندو جڏهن ته آرڪيٽيڪٽ خوبصورت لينڊ اسڪيپنگ، مجسما ۽ اسٽريٽ لائيٽن لاءِ نيون ۽ خوبصورت لوهي جون گرلون ۽ پرڪشش گلوب لڳائڻ جا منصوبا ٺاهيندا جڏهن ته سڀني فوٽ پاٿن کي معياري مٽيريل سان پڪو ڪيو ويندو. چوڪنڊي قبرستان: ڪمشنر ڪراچي سليم راجپوت ۽ ڊي سي ملير سعيد لغاري نگران وڏي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فوتين جي تدفين لاءِ چوڪنڊي قبرستان بدران نئين قبرستان لاءِ 30 ايڪڙ زمين جي ضرورت آهي. نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته چوڪنڊي قبرستان 25.04 ايڪڙ زمين تي مشتمل آهي جنهن مان 68.34 ايڪڙ اضافي زمين بائونڊري والز جي اندر آهي. ان کي وڌائڻ سان چوڪنڊي قبرستان جي ٽوٽل ايراضي 93.38 ايڪڙ زمين ٿيندي. نگران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته قبرستان جي دروازي کان سموريون حددخليون هٽايون ويون آهن ۽ هاڻي زمين ترقياتي ڪمن لاءِ تيار آهي. نگران وڏي وزير آرڪيٽيڪٽ جي صلاحڪارن جي مشوري تي ثقافت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو جنگ شاهي پٿر جي ڪمپائونڊ وال ۽ قبرستان جي بينچن ۽ ٻين لاڳاپيل يادگارن جي تعمير لاءِ بندوبست ڪري. نگران وڏي وزير چيو ته قبرستان جي زمين ۾ ويهڻ لاءِ خوبصورت جايون، بينچ، وڻ، لائٽ ايفڪٽس ۽ خوبصورت جابلو پٿرن سان تعمير ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ آرڪيٽيڪٽس هڪ فائنل ڊيزائن پلان وڏي وزير کي پيش ڪندا.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button