بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌيونيورسٽي جي آفيسر ڪاشف ناريجو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ڄامشورو (ن م) سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي پرووائيس چانسلر ۽ اڳوڻي رجسٽرار محمد نواز ناريجو جي نوجوان پٽ سنڌيونيورسٽي جي آفيسر ڪاشف علي ناريجو جي جنازي نماز سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ڄامشورو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق احمد ڄاريڪو، ڄامشورو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سهيل احمد شورو، پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو، عبدالمجيد پنهور، غلام نبي ڪاڪا، غلام رسول چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالرحمان سيال، محمد علي گهانگهرو، سيد ممتاز شاھ، صحافين نديم پنهور ، حاجي خان سيال، شريف ابڙو، عرفان برفت، حيات ميراڻي، حاڪم چانڊيو، عظيم باريجو، مظهر لنڊ، مير مرتضي نوحاڻي، صدر جوڻيجو، رحيم بلوچ، علي محمد مگسي، احمدعلي ابڙو سوڌو يونيورسٽي جي آفيسرن، استادن، شاگردن، ملازمن، قومپرست، سياسي سماجي علمي ادبي، مذهبي، شهري، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين، واپارين توڙي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سندس تدفين گمبٽ لڳ اباڻي ڳوٺ ٺَٽيِ ۾ ڪرڻ لاء ميت سميت روانا ٿي ويا آهن جتي پڻ جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. تڏو سنڌيونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس گهر وٽ رکيو ويو آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button