بريڪنگ نيوزسنڌ

اڻ ڌري اليڪشن ڪميشن، اڻ ڌريا آفيسر شفاف اليڪشن لاءِ ضروري آهن: جي ڊي اي اڳواڻ

ڪراچي(بيورو) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻن ڊاڪٽر فهميده  مرزا ۽ عبدالرحيم چيو آهي ته اڻ ڌري اليڪشن ڪميشن ۽ اڻ ڌري آفيسرن جي مقرري شفاف اليڪشن لاءِ انتهائي ضرورت آهي. اسان کي نگران  وڏي وزير جي ذات سان ڪوئي مسئلو ناهي.  پر اسان سمجهون ٿا ته نگران حڪومت پيپلزپارٽي جي گذريل حڪومت جو تسلسل آهي. نگران وڏي وزير جي آڏوپنهنجيون گذارشون رکي ڇڏيو آهن. اسان جي انهن گذارشن تي ڪوئي  عمل نه ٿيو ته پنهنجي اتحادين سان گڏجي عمت علي عملي جو اعلان ڪنداسين. 11 آڪٽومبر تي  چيف اليڪشن ڪميشن سان اسلام آباد ۾ ملاقات ڪنداسين. اهڙو اظهار سومر تي سنڌ جي وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باڪر  سان وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات کان پوءِ ميڊيا ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ عرفان الله خان مروت، حسنين مرزا، عبدالزاق راهمون  به موجود هئا. ڊاڪٽر فهيمده مرزا چيو ته اسان جومطالبو شفاف اليڪشن آهي. سڀ  ڄاڻين ٿا ته سنڌ ۾ مڪاني اليڪشن ڪيئن ٿي آهي ۽ ڪيئن عوام جو مينڊيٽ کسو ويو آهي. مڪاني نمائيندا ڪجهه ڊليور  نه ڪري سگهيا آهن. سنڌ ۾ هر پاسي تباهي آهي. امن امان کان وٺي تعليم ۽ صحت سميت پورو نظام برباد ٿي چڪو آهي.  اڄ اسان جا نوجوان منشيات ڏانهن وڃي رهيا آهن. منشيات فروش سرعام گهمندا  ٿا وتن. تعليمي ادارن ۾ منشيات اسٽيٽ، اسپانسرڊ آهي. هن چيو ته ڪراچي ڌاڙيلن ۽ ڦورن جي رحم ڪرم آهي. ڪائي گهٽي، پاڙو محفوظ ناهي. شهري روزانو پنهنجيون حياتيون وڄائي رهيا آهن. اسان پنهنجي خدشن کان نگران وڏي وزير کي آگاهه ڪيو آهي. وڏي وزير کي چيو آهي ته ٻهراڙي سنڌ جي ضلعن جو به  دورو ڪيو. اتي صورتحال صفا خراب آهي. هن چيو ته  جسٽس مقبول باقر جي سٺي رپورٽشن آهي. اسان کي ان جي زات  سان ڪو به مسئلو ناهي. جڏهن ته کيس شفاف چونڊن لاءِ نظام جوڙڻو پوندو. هو جزا ۽ سزا جو نطام به جوڙي شفاف اليڪشن لاءِ غيرجانبدار آفيسرن جي مقرري ٿي. سنڌ ۾ استاد ان لاءِ ڀرتي ڪيا وڃن ٿا ته اهي ٻارڙن کي پڙهائڻ بدران اليڪشن جو اعتمام ڪرائن. سنڌ ۾ هاري کي فصل جي قيمت نه پئي ملي. سارين جو فصل به تيار آهي.  هاري کي رليف ڏنو وڃي. زراعت جي شعبي مان مڊل مين جو رول  ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته شفاف اليڪشن  لاءِ جي ڊي اي پنهنجو هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. 11 آڪٽومبر تي جي ڊي اي جو وفد اسلام آباد چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪندو. سنڌ جي نگران وڏي وزير سان مڪاني نمائيندن جي اختياري بابت به ڳالهه ٿي آهي. جڏهن قومي ۽صوبائي اسيمبلين بابت اليڪشن ۾ حصو وٺڻ بابت قانون آهي ته بلدياتي نمائيندن  بابت به قانون واضح آهي. بلدياتي نمائيندن کي انهيءَ  ڪم لاءِ آندو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر وٽ اليڪشن بابت ڪي اختيار ناهن. ان موقعي تي سردار عبدالرحيم چيو ته  جي ڊي اي جي وفد نگران سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪئي آهي. اسان پنهنجا مطالبا ان جي سامهون رکيا آهن. اسان سمهون ٿا ته نگران حڪومت پيپلز پارٽي جي گذريل حڪومت تسلسل آهي. اسان سموري صورتحال کان نگران وڏي وزير کي آگاهه ڪيو آهي. اسان سمهون ٿا ته شفاف چونڊن لاءِ ڪوڙو نظام نيوٽرل هجڻ گهرجي. غيرجانبدار آفيسر مقرر هئڻ گهرجن. اسان مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جا مسئلا سامهون رکيا آهن. هن چيو ته اسان جي گذارشن تي جيڪڏهن ڪو عمل نه ٿيو ته پنهنجي اتحادين سان گڏجي لاعمل ڪنداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button