بريڪنگ نيوزبين الاقوامي

ايران ۾ قاسم سليماني جي ورسي موقعي تي ڌماڪا، 180 ڄڻا مارجي ويا، 140 کان وڌيڪ زخمي

تهران (م ڊ)  ايران ۾ قاسم سليماني جي چوٿين ورسي موقعي تي ڌماڪن جي نتيجي ۾ 180 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 140 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.  ايراني ميڊيا جي مطابق اڳوڻي ايراني ڪمانڊر جنرل سليماني جي اڄ چوٿين ورسي جي موقعي تي سندس مقبري ويجهو ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ٻه ٿيلها قبرستان جي داخل ٿيڻ واري در تي رکيا ويا هئا ورسي جي موقعي تي مقبري ۾ 2 هزار ماڻهو موجود هئا، ڌماڪن ۾ 180 ڄڻا فوت ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي. ڪرمان ۾ ڌماڪا دهشتگرديءَ جا واقعا آهن، ڌماڪا دستي بم ڦاٽڻ سبب ٿيا. ڌماڪن کان پوءِ سڄي شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي . ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني کي 3 جنوري 2020ع تي عراق ۾ آمريڪي ڊرون حملي ۾ شهيد ڪيو ويو هو، ايراني ڪمانڊر قاسم سليماني انهيءَ قبرستان ۾ دفن آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button