بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪوٽڙي پوليس جي ڪارروائي ،ڪارلفٽر گينگ جا2 جوابدار گرفتار

ڪوٽڙي ( ن م )ڪوٽڙي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته سي آئي اي پوليس ڪارروائي ڪري  ڪار لفٽر گينگ جي ڏوهاري توڙي ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ ڦر ڪندڙ ستن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ڪراچي مان ڦر ڪيل ٽي ڪارون هٿ ڪري ورتيون، جڏھن ته ڪڻڪ جي رڪور ٿيل 35 لک روپيا ڪيش روڪ رقم هٿ ڪري ورتي ڪيس داخل سي آئي اي انچارج ڄامشورو نيڪ محمد کوسو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڪراچي جي ٽيپو سلطان روڊ تان 24 سيپٽمبر تي ڦر ۽ چوري ٿيل ٽي ڪارون هٿ ڪري ڪار لفٽر گينگ جي بين الصوبائي گروھ جي ٻن ڏوهارين جيڪب آباد واسي وھاب سومرو ۽ ميرپورخاص واسي راج ڪمار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي ڪارون هٿ ڪري ورتيون آهن .جڏهن ته ٿيٻاٺ ٿاڻي جي حد سيوھڻ انڊس هاوي تان ڪڻڪ سان ڀريل ٽرڪ ڦر ڪئي وئي جنهن جي پنج جوابدارن مجيد عرف مجو لاشاري ـ سجاد مارکنڊ، مور بروھي، بشير ابڙو، ماجد ڀٽي ڪئي وئي ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ڄامشورو محمد طارق نواز ۽ سي آئي اي انچارج نيڪ محمد کوسو ايس ايس پي آفيس ۾  گڏيل طور پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو آهي ته 24 سيپٽمبر تي ڪراچي جي ٽيپو سطان روڊ تان ڪارلفٽرگينگ جي بين الصوبائي جي گروھ جي ٻن ڏوهارين وهاب سومرو ۽ راج ڪمار ڪارون چوريون ۽ ڦر ڪري سنڌ جي اندورن شهر ڏانهن فرار ٿي ويندا آهن ضلعي ۾ ڏوهارين جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو آهي ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪيو ويندو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button