سنڌ

يو سي جھانگارا جي ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر برادري جي غريب مسڪين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو

سوهڻ (بهادر سولنگي) سيوهڻ تعلقي جي يونين ڪائونسل جھانگارا جي ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر جي رھواسين ٻٻر برادري جيغريب مسڪين ماڻهن پاران پلاٽ تي زبرستي قبضي ڳوٺ جي بااثر وڏيري ۽ يوسي چيئرمين جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو سخت نعريبازي، وڏي وزير کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو تعلقي سيوهڻ جي يونين ڪائونسل جھانگارا جي ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر جي رھواسين غريب، مسڪين ۽ پورهيت ٻٻر برادري پاران منٺار ٻٻر، گلشير علي، دلشير علي ٻٻر، ارباب علي ٻٻر ۽ سليم ٻٻر جي اڳواڻي ۾ اڳواڻي ۾ ڳوٺ جي بااثر وڏيري حاجي سوڍو ٻٻر ۽ يوسي جهانگارا جي چيئرمين فرقان شاھ جي ظلم، زيادتين ۽ پلاٽ تي زبردستي قبضي جي ڪوشش خلاف ڳوٺ جي ٻاھران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي ڳوٺاڻن الزام ھڻندي چيو آهي ته ڳوٺ جو بااثر وڏيرو حاجي سوڍو ٻٻر يوسي جھانگارا جي چيئرمين سيد فرقان شاھ جي مدد سان اسان غريب ڳوٺاڻن کي پوليس جي سرپرستي ۾ زبردستي گھرن مان بيدخل ڪري قبضو ڪرڻ چاھي ٿو، بااثر وڏيري اسان لاء ڌرتيءَ ٽرامو ڪري ڇڏي آهي، ھنن چيو ته اسان گذريل 15 سالن کان ھن ڳوٺ ۾ رهائش پذير آھيون ۽ اسان کان پهرين اسان جا ابا ڏاڏا به هن ڳوٺ ۾ رهائش پذير هئا، سڄو ڳوٺ سرڪاري زمين تي ٺھيل آھي، مگر ڳوٺ جو بااثر وڏيرو اسان جي گھرن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، ھنن چيو ته بااثر وڏيري جوھي پوليس کي استعمال ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري اسان کي پنهجي گهرن مان بي گناھ گرفتار ڪرايو، جتي پوليس اسان مٿان تشدد ڪيو ۽ چيو ته ڳوٺ ۽ گهر خالي ڪري وڃو زمين وڏيري جي آھي، اسان پاران انڪار ڪرڻ تي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪي ڏئي رھيو آھي، متاثر ڳوٺاڻن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، آئي جي سنڌ پوليس پولیس، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي، بااثر وڏيري خلاف حاجي سوڍو ٻٻر ۽ يوسي چيئرمين فرقان شاھ خلاف کي ڪارروائي ڪري اسان ڳوٺاڻن تحفظ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ ساڙڻ تي مجبور ٿينداسين.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button