بريڪنگ نيوزقومي

پي ٽي آءِ جي باني جيڪو ڪيو ڀوڳي رهيو آهي کيس توبهه ڪرڻ گهرجي:بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ جي باني عمران تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني بيگناهه آهي ته کيس جيل ۾ هئڻ گهرجي. هن جيڪو ڪيو هاڻي اهو ڀوڳي رهيو آهي.سڀ کان پهريان کيس توبهه ڪرڻ گهرجي . ذوالفقار ڀٽو ڦاهي تي صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي تي وفقي دوران سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ذالفقار علي ڀٽو جي ريفرنس جي ٻڌڻي تي پهتا آهيون. اسان سمجهون ٿا ته تاريخ کي ختم نه ڪيو وڃي پر اسان تاريخ کي ٺيڪ ڪري سگهون ٿا، بلاول ڀٽو چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو هڪ ڪلپ هلايو ويو، آمريت  ۾  آمر  جي هڪ ڪيس ۾ دلچسپي هئي. ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪيس جو جنهن نموني فيصلو ڪرايو ويو تاريخ ان جي شاهد آهي اميد آهي ته 12-13 سالن کان پوءِ هن ڪيس ۾ پيپلزپارٽي کي انصاف ضرور ملندو. هن چيو ته هي موقعو آهي ته ان کي درست ڪريون، اعتماد آهي ته اسان کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  کان هن ڪيس ۾ انصاف ملندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڪيس کي ممڪن هجي ته جلد کان جلد اڪلايو وڃي. پهريان جسٽس افتخار چوڌري ٻڌڻي ڪئي. پر فيصلو نه ٿي سگهيو. پ پ چيئرمين گذريل هفتي سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ بابت منظور ڪيل ٺهراءِ تي رد عمل ڪندي چيو ته عوام ووٽ وجهڻ جي تياري ڪري، گڏيل قومن مان به ٺهراءُ پيش ڪرايو وڃي. اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس به چيو هو ته 8 فيبروري تي اليڪشن پٿر تي ليڪ آهي. هن سوال اٿاريو ته سينيٽ جي ٺهراءَ ۾ وڌيڪ  وزن آهي يا چيف جسٽس جي ڳالهه ۾ سڀ ماڻهو تياري ڪن سڀني کي وڃي ووٽ ڏيڻو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي تازوئي مڪاني اليڪشن ۾ سوڀ حاصل ڪئي آهي. چاهيون ٿا ته اليڪشن ملتوي ٿيڻ جو بهانو نه بڻجي، بلاول ڀٽو چيو ته تقسيم ۽ ويڙهه جي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو. پنهنجون غلطيون تسليم ڪرڻ گهرجن، رويو ٺيڪ ڪرڻ گهرجي. اسان کي تاريخ مان سب سکي اڳتي وڌڻ گهرجي.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button