بريڪنگ نيوزقومي

ڪنهن به جماعت تي پابندي لڳائڻ نگران حڪومت جو ڪم نه آهي،پي ٽي آءِ جا وفادار اميدوار اليڪشن ۾ حصووٺندا: نگران وزيراعظم

لاهور (اين اين آءِ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آئي تي پابندي نه لڳائي وئي آهي. ته نگران حڪومت ڪيئن هڪ اهڙو عمل ڪري سگهي ٿي. جيڪو غيرقانوني ۽ غير آئيني هجي.  هر سياسي پارٽي کي  مڪمل راءِ جي اظهار  جي آزدي حاصل آهي. پي ٽي آئي چيئرمين جا وفادار اميدوار اليڪشن ۾ حصووٺندا. ووٽ ڏيڻ لاءِ جيترو اوهان  بي چين آهيو مان به ايترو ئي بيچين آهيان. اليڪشن جي تاريخ جو اعلان  پورو آئين ناهي. ڇا ٻين پاسن کي نظر انداز  ڪري ڇڏيون. اهو تاثر  غلط آهي ته افغان پناهگير کي واپس اماڻيو پيو وڃي. پر غير قانوني رهندڙ پرڏيهين کي واپس سندن ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو. آئي ايم ايف جو وفد 2 نومبر تي پاڪستان جو  دورو ڪندو. ايس آئي ايف سي سيڙپڪاري لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم آهي. مذهبي سياحت کي هٿي وٺرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اسمگلنگ  کي ٻنجو ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت  جي قدمن جا هاڪاري نتيجا  اچڻ  شروع ٿي ويا آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي اڃا  وڌيڪ گهٽجي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميو اسپتال لاهور جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي سميت ٻيا به گڏ هئا.  وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پنجاب دوري جي حڪومت جي ڪافي منصوبن کان  سڌ ملي، تهذيب ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت جون ڪاوشو ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته شاهي قلعي جي ثقافتي ورثي جي   بحالي سٺي ڳالهه آهي. مذهبي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وقت جي اهم ضرورت آهي. اميد آهي ته ٻيا صوبا به  ثقافتي ورثي کي   محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا. پنجاب حڪومت کي جتي ضرورت پوندي وفاق مدد ڪندو. ان غير قانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي وطن واپس موڪلڻ جي ڊيڊ لائن بابت چيو ته دنيا جو ڪو به ملڪ غير قانون طور تي رهندڙ ماڻهن کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي.   ڪنهن به ٻئي ملڪ  جو شهري قانوني طور تي ويزا وٺي  پاڪستان اچي سگهي ٿو.   هن چيو ته پنهنجي طور تي اسان اليڪشن ڪميشن کي هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي. ان کان اڳتي وڌي اسان جو اليڪشن ڪميشن  کان تاريخ پڇڻ مناسب نه  ٿيندو. جتي جتي اسان جو ڪردار آهي. اهو اسان چڳي طرح ادا ڪري رهيا آهيون ڪندا رهنداسين. تڪبندي جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو هڪ مخصوص طور طريقو آهي. جنهن تي مڪمل عمل ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. اسان کي پنهنجي عمل جي ذريعي ٻين لاءِ مثال بڻجڻو آهي. نگران حڪومت  ڪوئي غير قانوني ۽ غير آئيني قدم نه کڻندي، فلسطين تي  اسرائيلي ظلم جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسرائيلي جراحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو. موجوده بحران ۾ ڦوري طور تي جنگ بندي ٿيڻ گهرجي. جيڪو ڪجهه اسرائيل غزا ۾ ڪيو ڪنهن به قسم جو جواز فراهم نٿو ڪري سگهجي. اسان هر محاذ تي فسلطين لاءِ آواز اٿاريو آهي. غزا تي او آئي سي اجلاس ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير ڀرپور نمائيندگي ڪئي آهي. چين جي هاڻوڪي دوري ۾ بين القوامي اڳواڻن سان به  ان تڪرار جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه  ٻولهه ٿي آهي. هي هڪ پراڻو حل طلب عالمي  تڪرار آهي. جيڪو گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل ٿيڻ گهرجي.   پاڪستان ان حوالي سان  جتي جتي ٿي سگهندو پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪندو رهندو.  غزا ۾ ترت  جنگ بند ٿيڻ گهرجي  ته جيئن مظلوم فلسطينن کي امداد پهچائي سگهجي. پي ٽي آئي تي پابندي جي  حوالي سان هن چيو ته اليڪشن ڪميشن هن وقت تائين پي ٽي آئي تي ڪا پابندي لڳائي آهي ته نگران حڪومت اهڙو ڪيئن عمل ڪري سگهي ٿي. جيڪو غير قانون ۽ غير ائيني هجي. هن واضح ڪيو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.  جو ان بابت ڪجهه سوچيو اهو اسان جو مينڊيٽ آهي. نه ئي آئين ۽ قانون ان جي اجازت ڏئي ٿو. اهي ماڻهو جيڪي  پي ٽي آئي چيئرمين کان رستا ڌار ڪري چڪا آهن ۽ جيڪي هن جا حامي آهن اهي سڀ ان اليڪشن ۾ حصو وٺندا ان کان وڌيڪ مان ڪهڙي ليول پلينگ فيلڊ جي خاطري ڪرايان. پي ٽي آئي کي چونڊ نشان الاٽ ڪرڻ  بابت نگران وزيراعظم چيو ته مون کي لڳي ٿو ته اوهان مون کي  وزيراعظم نه چيف اليڪشن ڪميشن طور تي ڏسڻ چاهيون ٿا. مان ڪير ٿيندو اهيا جو چونڊ نشان جي الاٽ جي حوالي سان خاطري ڪرايان. هي اليڪشن ڪميشن جو مينڊيٽ آهي. انور الحق ڪاڪڙ چيو ته آئي ايم ايف جو 2 نومبر تي دورو ڪندو. ان حوالي سان پاڪستان جون تياريون مڪمل آهن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button