بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ ۾ پرائمري استادن جو درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف احتجاج

سانگهڙ (س ر) پرائمري استادن پاران درسي ڪتاب نه ملڻ خلاف پريس ڪلب سانگهڙ آڏو احتجاجي مظاهرو نعريبازي بازي ان موقعي تي پ ٽ الف جي صدر حاجي ناظر حسين نظاماڻي، ، ثناﷲ ملڪ، سليم نظاماڻي، رب نواز ناريجو، ۽ ٻين چيو ته سانگهڙ ضلعي جي شاگردن کي تعليمي سال شروع ٿيڻ باوجود سرڪاري درسي ڪتاب نه مليا آهن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ھنن چيو ته گذريل سال به سرڪاري ڪتاب صوبي اندر صرف 40 سيڪڙو مليا ھن سال به سرڪاري ڪتاب 10 سيڪڙو ڪتاب به نه مليا آهن جنهن سبب لکين شاگردن جي تعليم تباهه ٿي رهي آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي ھنن مطالبو ڪيو ته سڀني شاگردن کي درسي ڪتاب فراهم ڪيا وڃن.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button