قومي

اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا عيدالاضحيٰ ملهائڻ لاءِ درگاهه شريف پير جو ڳوٺ تشريف فرما ٿيا

پير جو ڳوٺ (ن م) حُر جماعت جو روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ جي ڊي اي سربراهه اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا عيدالاضحيٰ ملهائڻ لاءِ درگاهه شريف پير جو ڳوٺ تشريف فرما ٿيا.  پير سائين پاڳارا ڪجهه ڏينهن پير جو ڳوٺ ۾ قيام فرمائيندا. عيدالاضحيٰ جي ڀلاري موقعي تي حُر جماعت کي زيارت جو شرف بخشي روحاني خطاب سان فيضياب ڪندا. پنهنجي مرشد رهبر جي زيارت جو شرف حاصل ڪرڻ لاءِ حُر جماعت جا قافلا درگاهه شريف پير جو ڳوٺ پهچڻ شروع ٿي ويا. قافلن جي درگاهه شريف آمد جو سلسلو عيد الاضحيٰ جي ڏينهن پرهه ڦٽيءَ تائين جاري رهندو. حُر جماعت ۽ عقيدتمند عيد نماز ادا ڪرڻ بعد پنهنجي مرشد رهبر جي زيارت جو شرف حاصل ڪري روحاني خطاب مان فيضياب ٿي پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانا ٿي ويندا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button