بريڪنگ نيوزسنڌ

ڪي ايم سي هڪ رپيو به گڏ ڪندي ته اهو ڪراچي شهر جي ڪم ايندو: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (بيورو ) ميئر ڪراچي بئرسٽر مرتضيٰ وهاب 23 مارچ 2024ع تي تاريخي ڊينسو  هال ڪراچي ۾ ميٽرو پوليٽن ميوزم شهرين لاءِ کولڻ ۽ ڪراچي جي عير معاملو خدمت ڪندڙ هيروز کي هر سال 14 آگسٽ تي ڪراچي تمغو (ٻلو)ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي جي حوالي سان مفي ۽ ڄاڻ واري دستاويز فلم ٺاهيندڙن کي به روڪ انعام ۽ تمغو ڏنو ويندو. ڪي ايم سي ۾ ٽئڪس جي رڪوري جي نظام کي بهتر ۽شفاف بنائي حاصل ٿيندڙ سموري رقم سٽي ڪورٽ جي چونڊيل نمائيندن جي فيصلي مطابق شهرين جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪئي ويندي. ڪي ايم سي ۽ ٽائون انتطاميا وچ ۾ پارڪنگ فيس، حددخلين جي روڪٿام ۽ ايراضي جي معاملن تي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت حل ڪيو ويندو. ٽريفڪ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ شهر  جي مختلف هنڌن تي پارڪنگ پلازا  ٺاهڻ جي رٿا تي ڪم  ڪيو پيو وڃي.  ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي هڪ رپيو به گڏ ڪندي ته اهو ڪراچي شهر جي ڪم ايندو، هن وقت هو ڪي ايم سي جي وڏي تاريخي عمارت ڊينسو هال ۾ موجود آهن، هيءَ عمارت 1886ع ۾ ٺهي هئي، هو ميڊيا ذريعي ڪجهه فيصلن بابت آگاهي ڏيڻ چاهين ٿا، وسيم اختر جي گذريل سال ڪي ايم سي جي آمدني هڪ ڏهائي 2 ارب هئي. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي جي مالي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، 2023ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 580 ملين ڪي ايم سي جي آمدني ٿي. سندس چوڻ هو ته هو پنجن مهينن ۾ ڪي ايم سي جي روينيو هڪ ارب رپين تائين پهچي وئي، ايندڙ ڇهن مهينن ۾ ٽيڪس نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائيندا. ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي جو ميئر ۽ پيپلز پارٽي جي انتظاميه ڪم ڪري رهي آهي، فريئر هال 1865ع ۾ عوام لاءِ کوليو ويو، سندن وٽ 1886ع جي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي تاريخي عمارت آهي، ڪي ايم سي شهرين جي تاريخي ورثي لاءِ سڀ ڪجهه ڪندي،پاڪستان ۾ عجائب گھر ۽ گيلريون آهن. هن چيو ته هو ڪراچي ميٽروپوليٽن ميوزيم 1886ع جي ڊينسو هال جي عمارت ۾ ٺاهيندا، ميوزيم جي تعمير جو معاهدو گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪي ايم سي ۾ منظور ڪيو ويو آهي، هن عمارت تي قبضو ڪيو آهي، ميوزيم 23 مارچ کان اڳ عوام لاءِ کوليو ويندو. ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ماضي ۾ زمين جي رجسٽريشن جو نظام جوڙيو ويو هو، ڪراچيءَ ۾ پهريون ڄم جو سرٽيفڪيٽ ڪڏهن ٺهيو ان جا تفصيل به موجود آهن، هنن موت جي سرٽيفڪيٽ جو رجسٽر پڻ ڪڍيو آهي، ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر سيد افضل زيدي ميئر ڪراچي جو  سياسي معاملن وارو نمائيندو ڪرم الله وقاصي، سٽي  ڪائونسل ۾ ڊپٽي پارلياماني ليڊر دل محمد، سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيا مئنيجمينٽ علي حسن ساجد، سينيئر ڊائريڪٽر ڪلچر اينڊ اسپورٽس سيف عباس حسني ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button