بريڪنگ نيوزسنڌ

لاڙڪاڻو ۾ پيرسن پوليس اهلڪار پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)لاڙڪاڻي شهر جي الهه آباد ٿاڻي تي چئن سالن کان ڊيوٽي ڪندڙ رتوديرو واسي پيرسن پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو نوڪري تان رٽائر نه ڪرڻ واري معاملي تان ٿاڻي جي واش روم ۾پاڻ کي بند ڪري مٿي تي پئٽرول هاري خودڪشي جي ڪوشش ڪئي اهلڪار جي رڙين تي ٿاڻي تي موجود اهلڪار واش روم جي در ڀڃين کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪري ڇڏيو جتي ڊاڪٽرن سندس جي جسم جو 50 سيڪڙو سڙڻ جي تصديق ڪندي کيس طبي امداد ڏني پر ان جي باوجود اهلڪار جي صحت ۾ ڪو به سڌارو نه اچي سگهيو آهي. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪار محمد يعقوب دايو ميڊيا آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته ٽي مهينا اڳ مون ايس ايس پي آفيس وارن کي پنهنجي رٽائرمينٽ جي درخواست ڏيڻ سان گڏ کين پئسا به ڏنا هئا پر ان جي باوجود مون کي روزانو ايس ايس پي آفيس جا پنڌ ڪرايا ويندا هئا جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايس آفيس ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سڄي عملي کي ضلعي بدر ڪرڻ سبب منهنجي درخواست تي ڪو به عمل نه ٿيو ۽ نه ئي مون کي رٽائرڊ ڪيو ويو جنهن ڪري مون مايوس ٿي اهڙو قدم کنيو آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته رشوت وٺڻ عملي خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ منهنجي رٽائرمينٽ واري درخواست منظور ڪئي وڃي ته جيئن مان پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ خوشحال زندگي گذاري سگهان. ٻئي پاسي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ تي کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي اهڙي واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي سول لائين، ايس ايڇ او الهه آباد ۽ ايس ايس پي آفيس جي سروس شيٽ ڪلارڪ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ اهلڪار محمد يعقوب دايو جي عيادت ڪري سندس جا مسئلا معلوم ڪيا کيس هر ممڪن سهڪار ۽ امداد جي خاطري پڻ ڪرائي ۽ چيو ته توهان جي مسئلي کي ميرٽ جي بنياد تي حل ڪيو ويندو ۽ قصور وار ملازمن خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي ويندي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو سيد عبدالرحيم شيرازي چيو ته شروعاتي طور ٻڌايو پيو وڃي ته پوليس اهلڪار محمد يعقوب دايو رٽائرمينٽ جي لاءِ درخواست ڏني شايد اها پراسز نه ٿي تنهن ڪري ان معاملي جي جاچ ڪئي ويندي ته اهلڪار رٽائرمينٽ لاءِ ڪڏهن درخواست ڏني؟ ۽ ان وقت هن جا ڪاغذ پورا هئا يا نه؟ کيس انچارج ڊي ايس پي، ايس ايڇ او يا ايس ايس پي آفيس وارن کيس ٻڌو يا نه ٻڌو ۽ ڪنهن جي طرفان دير ٿي ان خلاف ڊپارٽمينٽل ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته منهنجي مهيني جي مقرري دوران ڪنهن به اهلڪار جي رٽائرمينٽ جي درخواست نه ملي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي رٽائرمينٽ گهرجي ته ان کان ڪارڻ معلوم ڪيو ويندو ۽ هتان آفيس وڃي مان اهڙن ڪيسن کي ڏسندس ته جيئن اهڙن اهلڪارن جي مسئلن کي بروقت حل ڪري سگهون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button