بريڪنگ نيوزسنڌ

شاهپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ خيرو سنجراڻي ۾ عيد ميلاد النبي صلعم جو پروگرام منعقد

شاھپور چاڪر (رپورٽ : قابل ڏاهري) شاھپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ خيرو سنجراڻي ۾ حُر جماعت جي معزز شخصيت ۽ فنڪشنل مسلم ليگ ٻرهوڻ جي صدر فقير محمد رمضان سنجراڻي طرفان هڪ پروقار محفل ميلاد مصطفيٰ  صلي الله عليه وآله وسلم جي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ آيل مقررين، مولودين ۽ نعت خوانن ٻين آقا ڪريم حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جو شان بيان ڪيو ويو. حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏسيل واٽ تي زندگي گذارڻ جو پيغام پڻ ڏنو. حضور پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي شان ۾ تقريرون ۽ نعتون پيش ڪري حاضرين کان خوب داد وصول ڪيو ۽ ٻڌندڙن جون دليون منور ڪري ڇڏيون. خصوصي خطاب قاري گل حسن سڪندري حضور اڪرم نور مجسم آقا ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگيءَ تي روشنيءَ وجھندي چيو ته عيد ميلادالنبي صلي لاله عليه وآله وسلم ملھائڻ وارن تي محبوب مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جي صدقي خدا پاڪ پاڻ راضي ٿئي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو ميلاد ملھائڻ وارن کي دلي سڪون  ملندو آهي. جنھن سان دنيا جي هر برائي ۽ بيماري ختم ٿئي ٿي ۽ روزي ۽ رزق ۾ برڪت پوي ٿي تنھن ڪري اها روايت گھر گھر ۾ ٿيڻ گھرجي. ان موقعي تي نعت خوانن نعتون پيش ڪري ويٺلن کي جھومائي ڇڏيو ۽ آخر ۾ فقير محمد رمضان سنجراڻي طرفان آيل مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو ويو ۽ حُر جماعت جي روحاني رهبر مرشد اعليٰ حضرت پير سائين پاڳارا ۽ حُر جماعت، ملڪي سلامتي لاءِ پڻ  دعاٰءِ خير گھري وئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button