بريڪنگ نيوزسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ عظيم الشان 12هين سالياني رهبر روزي ڌڻي ڪانفرنس منعقد

لاڙڪاڻو(بيورو) لاڙڪاڻي شهر جي جناح باغ ۾ عظيم الشان 12 هين سالياني رهبر روزي ڌڻي ڪانفرنس ٿي گذري، جنهن ۾ سنڌ جي ناليواري مشهور عالم دين ڊاڪٽر مفتي حق نبي سڪندري خصوصي خطاب ڪندي چيو ته رهبر روزي ڌڻي جي ولايت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، هو ڄمندي ڄام هئا. سندن جو پورو خاندان نور اعليٰ نور آهي. رھبر روزي ڌڻي جي ڪرامات جڳ مشهور آهن. اولياءَ الله جي سموري زندگي انسانيت جي خير خواهي ۾ بسر ٿيندي رهي ٿي. سنڌ ڪاملين اولياءَ الله جو مسڪن ماڳ آهي. دنيا و آخرت جون ڀلايون اولياءَ الله جي صحبت ۽ ڏسيل واٽ ۾ سمايل آھن. ذڪر حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم سان قلب منور ٿين ٿا. الله ڏسي رهيو آهي اهو تصور ذهن دل ۽ دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو ته جيڪر ڪوڙ، ٺڳي، فريب، رشوت خوري کان محفوظ رهي سگهون ٿا. بس الله پاڪ اسان کي ڏسي رهيو آهي. ڪانفرنس جي صدارتي خطاب ۾ سيد محمد مصطفيٰ شاھ راشدي چيو ته رهبر روزي ڌڻي جي پوري زندگي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي عشق ۾ گذري. رهبر روزي ڌڻي جي زندگي خدا جي خوف ۽ سنت رسول الله صلي الله عليه وسلم ۾ گذري عوام جي لاءِ روشني جو مينار ثابت ٿي، اولياءَ الله جي برڪتن ۽ تبليغ دين جي ذريعي لکين ماڻهن جي اصلاح ٿي. سنڌ جي اندر هن خاندان جون قابل قدر ڪوششون شامل آهن. رهبر روزي ڌڻي جي زندگي تي عمل ڪيو وڃي . استاد العلماءِ مفتي غلام شبير سڪندري، شير سنڌ مفتي شفيق احمد قادري شڪارپور، حافظ در محمد سهڙو حر مجاهد، مولون عبدالسبحان سڪنڊري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ حافظ شفيق الرحمان باقراڻي ، پير سيد محمد طارق علي شاهه جيلاني، پير سيد محمد عاصم علي شاھ جيلاني، ڊاڪٽر نجم الدين اشرفي، سيد ذوالفقار علي شاھ بخاري سميت ٻين علماء ڪرام، مشائخ عظام جماعت اهلسنت جي عاشقان وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. آخر ۾ صلوات و سلام پڙهيو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button