بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد حالي روڊ پوليس جون مختلف ڪارروايون،منشيات هٿ،5 جوابدار گرفتار

حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر)حيدرآباد حالي روڊ پوليس پاران مختلف ڪاررواين دوران منشيات ڊيلر ۽ مين پوڙي فروش گرفتار ڪري 2 ڪلو کان مٿي چرس ۽ 400 عدد تيار شده مين پوڙي ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس ترجمان موجب ايس ايڇ او حالي روڊ انسپيڪٽر صغير حسين سانگي پنھنجي اسٽاف سميت گشت دوران انگور شاھه درگاھه مڪراڻي محلا ويجھو ڪاروائي ڪندي ٻن منشيات ڊيلر نالي شفيق الرحمان عرف جبران ۽ لال محمد عرس قمبراڻي کي گرفتار ڪيو، پوليس موجب گرفتار منشيات ڊيلر جي قبضي مان 2 ڪلو 500 گرام چرس ھٿ ٿي، ٻئي ڪارروائي پرده پارڪ ويجھو ڄاڻائي وئي، پوليس موجب ڇاپا مار ڪارروائي ۾ 3 مين پوڙي فروش گرفتار ڪيا ويا، پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ علي اصغر، اشفاق بلوچ ۽ روف بلوچ جي نالي سان ٿي جن جي قبضي مان 400 عدد تيار شده مين پوڙي ھٿ ٿي، حالي روڊ پوليس گرفتار منشيات فروشن جي قبضي مان ھٿ آيل منشات تحويل ۾ ڪري جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري ورتا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button