بريڪنگ نيوزسنڌ

خيرپور ڀرسان پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل

خيرپور (ڊ ر) خيرپور ڀرسان ڪنب ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان وڪيل احمد مهر کي بي دردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي ڪنب پوليس 3 ڪلاڪن بعد واقعي واري هنڌ پهتي، لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏي، 5 ڪلاڪن تائين ايمبولينس نه هجڻ ڪري لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيو، جنهن بعد مقتول جو لاش مقامي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي پوليس لاش وارث حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، علائقي ۾ خوف و حراس پکڙيل، هن سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته واقعي دشمني جو نتيجو آهي،  اکين ڏٺن شاهدن موجب ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل تي سوار نقاب پوش هٿياربندن ڪنب ويندڙ وڪيل احمد مهر کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو، نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button