بريڪنگ نيوزسنڌ

ميرپورخاص ۾ ايس ايس پي جي صدارت هيٺ پوليس اهلڪارن کي هيڊڪانسٽيبل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ لاءِ اجلاس

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ايس ايس پي ميرپورخاص جي صدارت ۾ ميرپورخاص ضلع جي پوليس ڪانسٽيبلن کي هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ لاءِ اجلاس منعقد ڪيو ويو، اجلاس ۾ پروموشن ڪاميٽي جي ميمبرن عاشق چانگ، پي ڊي ايس پي احمد ڪريم جيلاني، ڊي ايس پي ملڪ قاسم، شيٽ ڪلارڪ حسين بخش مهر ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس ۾ ميرپورخاص جي 22 پوليس ڪانسٽيبلن کي هيڊ ڪانسٽيبل جي عهدي تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، جنهن بعد ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري ترقي ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن کي هيڊ ڪانسٽيبل جا بيج هنيا، ان موقعي تي خطاب ڪندي ايس ايس پي چيو ته صوبي سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ سنڌ پوليس جي جوانن وڏيون قربانيون ڏنيون آهن مون کي يقين آهي ته ترقي ماڻيندڙ اهلڪار به اڳ جيان پنهنجي آفيسرن جي حڪم تي عمل ڪرڻ سان گڏ ضلع ۾ امن امان رکڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي قربانين کان نه ڪيٻائيندا، پوليس جي بهترين ڪارڪردگي سبب پوليس تي عوام جو اعتماد وڌي رهيو آهي، جنهن کي قائم رکڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي، هن چيو ته ميرپورخاص ضلع کي ڏوهن ۽ منشيات کان پاڪ رکڻ جو عزم ڪيل آهي جنهن تي هر حال ۾عمل ڪيو ويندو ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button