بريڪنگ نيوزقومي

ملڪ ۾ وسيلن جي ڪابه کوٽ ناهي، پنڻ واري سلسلي جي خاتمي لاءِ اسان کي پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو: وزيراعظم

اسلام آباد/ پشاور (اين اين آءِ/ م ڊ) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته جڏهن ٻاهرين ملڪن ۾ اسان جو استقبال ڪيو وڃي ٿو ته استقبال ڪندڙن جا منهن ٻڌائيندا آهن ته هي اچي ويا اسان کان پئسا گهرڻ جيڪڏهن اسان وقت وڃائڻ بند ڪريون، 9 مئي جهڙن واقعن کي ٻيهر هميشه لاءِ روڪي ڇڏيون ته پاڪستان وڌيڪ ترقي ڪندو پنڻ جي خاتمي لاءِ اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو پوندو اسان کي ماضي مان سبق سکڻو پوندو قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي تعليم کي اڳتي وڌائڻو پوندو بيروزگاري ختم ٿيندي ملڪ ۾ خوشحالي ايندي اسان ۾ رڳو هڪ شئي جي کوٽ آهي ۽ اها آهي ول ٽوڊو، خيبرپختونخواه پاڪستان کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو 2 ارب ڊالر جي فراهمي تي سعودي عرب جي حڪومت جا ٿورائتا آهيون ليپ ٽاپ صرف ميرٽ تي ملندو سفارش تي هڪ به ليپ ٽاپ نه ڏنو ويندو هو اڱاري تي هتي فاٽا يونيورسٽي جي فيز ون جي افتتاح ۽ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.  وزيراعظم چيو ته ان لاءِ خوشي جو موقعو ۽ وڏي اطمينان جو ڏينهن آهي جو پشاور ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم شروع ٿي وئي آهي، هي صوبو رحمان بابا، خوشحال خان خٽڪ جي ڌرتي، دلير، بهادر ۽ غيرتمند ماڻهن جي سرزمين آهي هن صوبي پاڪستان کي دهشتگردي کان بچائڻ لاءِ تاريخي ڪردار ادا ڪيو دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي هٿ سان بزرگن، ٻارڙن، عورتن ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن انهن قربانين کان سواءِ دهشتگردي جي لعنت ختم نه پئي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته هڪ ليپ ٽاپ ذهين شاگردن ۾ سڄي ملڪ ۾ ميرٽ تي ورهايا پيا وڃن سفارش ۽ پنهنجا نوازي نه ٿيندي هن چيو ته ليپ ٽاپ حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪ ڏيان ٿو هن چيو ته قوم جي ذهين ٻارڙن کي ليپ ٽاپ ڏنا ويندا ڪووڊ-19 جي عالمگير وبا دوران هي سلسلو رڪجي ويو هو جڏهن ته هاڻي هي ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته منهنجو وس هلي ته هڪ لک بدران 10 لک ليپ ٽاپ ڏئي ڇڏيان ها جڏهن ته گذريل هڪ سال ۾ ڪافي ڏکيائين کي منهن ڏنو وزيراعظم چيو ته اسان کي ٻيهر مجبوري ۾ آئي ايم ايف وٽ وڃڻو پيو آئي ايم ايف جو پروگرام اسان خوشي سان قبول ناهي ڪيو انشاءالله پاڪستان جلد پنهنجي پيرن تي بيهندو ۽ غربت ختم ٿيويندي ڪالهه اسان غذائي تهفظ ۽ زراعت بابت هڪ سيمينار ڪرايو آهي جيڪڏهن اسان کي قرضن مان جند ڇڏائيڻي آهي ۽ پنڻ کي ختم ڪرڻو آهي ته پنهنجي پيرن تي ملڪ کي بيهارڻو پوندو ملڪ ۾ الله تعاليٰ طرفان معدني شيون ۽ قدرتي وسيلا اڻ ڳڻيا آهن هن چيو ته هاڻي رڳو ڪم ڪرڻ جو جذبنو هجڻ گهرجي سعودي عرب به اسان کي 2 ارب ڊالر ڏنا آهن. سعودي عرب جي حڪومت شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪريون ٿا جو انهن ڏکئي وقت ۾ اسان کي نه ڇڏيو پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير جو به شڪريو ادا ڪريون ٿا جو ان تمام گهڻو ڪم ڪيو. هن چيو ته قائداعظم ۽ علامه اقبال جي فرمانن تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي اڄ اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اسان کي محنت ڪرڻي آهي يا پنڻو آهي هن چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جي ڪابه کوٽ نه آهي مون کي يقين آهي ته اسان جا نوجوان تعليم پرائي ملڪ جي قسمت سنواريندا.  تقريب کي خيبرپختونخواه جو گورنر، وزيراعطم جي خاص مددگار شزه فاطمه ۽ اميرمقام به خطاب ڪيو ان موقعي تي خيبرپخوتنخواه جو گورنر حاجي غلام علي، نگران وڏو وزير اعظم خان، وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا موجود هئا.  ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين هميشه مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏنو آهي گڏيل مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي جمهوريه چين جي ناظم الامور پانگ چنڪسو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن اڱاري تي هتي ان سان ملاقات ۾ ڪئي وزيراعظم ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 102هين سالگرهه تي مبارڪ ڏني ۽ پاڪستان جي سالميت ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته آئرن برادرز ۽ پراڻا دوست هجڻ جي ناطي پاڪستان ۽ چين هميشه ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي سان پاڻ نڀايو آهي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم ليڪي ڪيانگ سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ لاءِ چين جي قيادت جي پختي عزم کي ساراهيو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اقتصادي ۽ مالياتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ چين جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ عالمي ترقياتي قدم ۽ سي پيڪ تحت ترقياتي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪيو پاڪستان لاءِ چين جي حڪومت طرفان نيڪ خواهشن ۽ تعاون جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان چين جو سدابهار اسٽريٽجڪ ڀائيوار ۽ هر ڏکئي وقت تي پورو لهڻ وارو دوست آهي هن چيو ته چين جي حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جو خاص مقام آهي ۽ اسان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي اڃا وڌيڪ وڌائڻ جا خواهشمند آهيون.6

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button