بريڪنگ نيوزقومي

باجوڙ ۾ جي يو آءِ جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪو،46 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا، 150 کان مٿي زخمي

باجوڙ (اين اين آءِ) باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ جي يو آئي تحصيل خار جي امير مولانا ضياءالله جان ۽ تحصيل ناوادئي جنرل سيڪريٽري حميد الله حقاني سان گڏ 40 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا جن ۾ گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي سخت زخمين کي آرمي هيليڪاپٽر ۾ پشاور پهچايو ويو آچر تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي ۾ 40 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ٻڌايو ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۾ 40 کان وڌيڪ لاش آندا ويا ڌماڪي ۾ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر باجوڙ چيو ته زخمين کي تيمرگره ۽ پشاور به منتقل ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جمعيت علماِ اسلام خيبرپختونخوا جي ترجمان عبدالجليل جان ٻڌايو ته ورڪرز ڪنوينشن ۾ لڳ ڀڳ 4 وڳي مولانا لائق جي تقرير دوران ڌماڪو ٿيو ايم اين اي مولانا جمال الدين ۽ سينيٽر عبدالرشيد به ڪنوينشن ۾ موجود هئا جڏهن ته تحصيل خار جو امير مولانا ضياءالله ڌماڪي ۾ مارجي ويو اکين ڏٺن شاهدن مطابق جنهن وقت ڌماڪو ٿيو ان وقت جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ورڪرز جو وڏو انگ ڪنوينشن ۾ موجود هو جنهن سبب وڏي انگ ۾ فوتگين جو خدشو آهي ڌماڪي جا آواز علائقي ۾ پري پري تائين ٻڌاي ويا ڌماڪي ۾ جيو نيوز جو ڪئميرا مين سميع الله به سخت زخمي ٿيو آهي پوليس موجب باجوڙ 35 کان وڌيڪ زخمي تيمرگرهه اسپتال پهچايا ويا واقعي کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ريجنل پوليس آفيسر مالاڪنڊ ناصر ستي ٻڌايو ته باجوڙڌماڪو خودڪش لڳي ٿو جاچ ڪئي پئي وڃي. ڌماڪي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن ۽ علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي مولانا فضل الرحمان ڌماڪي تي سخت ڏک ۽ افسوس جواظهار ڪندي وزيراعطم ۽ وڏي وزير کان افسوسناڪ واقعي جي جاچ جي گهر ڪئي آهي هن شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي اسپتال پهچي رت جو عطيو ڏين هن کان اڳ حافظ حمدالله ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو ته هن ڪنويشن ۾ مون کي به وڃڻو هو جڏهن ته مان مصروف هجڻ سبب نه وڃي سگهيس حافظ حمدالله چيو ته مان بمبارن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن اهي ان کي جهاد چون ٿا ته هي جهاد نه آهي هي فساد ۽ سرعام دهشتگردي آهي هي انسايت تي حملو آهي پوري رياست ۽ باجوڙ تي حملو آهي هن چيو ته مان رياست ۽ رياستي ادارن کان گهر ڪريان ٿو ته هن ڌماڪي جي جاچ ٿيڻ گهرجي هي پهريون واقعو نه آهي پر لاڳيتو ٿيندو رهيو آهي ان کان اڳ به باجوڙ ۾ اسان جي عهديدارن کي شهيد ڪيو ويو جنهن تي اسان پارليامينٽ به آواز اٿاريو جڏهن ته اڄ تائين ڪائي سنوائي نه ٿي ٻئي پاسي ڊاڪتر عارف علوي باجوڙ ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي باجوڙ ڌماڪي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو صدر فوتين جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ۽ مغفرت جي دعا ڪئي صدر زخمين لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي بروقت طبي امداد پهچائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو وزيراعظم ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي ٿيل جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس ڪيو آهي وزرياعظم مولانا فضل الرحمان، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان تعزيت جو اظهار ڪيو وزيراعظم مولانا ضياءالله جان سميت ٻين عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شهادت تي متاثر گهراڻن سان همدردي جو اظهار ڪيو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سيد نئرحسين بخاري، راجا پرويز اشرف، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي امير جماعت اسلامي سراج الحق ۽ ٻين ڌماڪي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته حملي جو مقصد ملڪ ۾ وڳوڙ ڪرائڻ آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button