بريڪنگ نيوزسنڌ

سانگهڙ ڀرسان ڪار ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، پوليس جمعدار فوت، عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا زخمي

سانگهڙ/سنجهورو (نمائندن وٽان) سانگهڙ ويجهو سانگهڙ نواب شاهه مين روڊ تي راوتياڻي پوليس پڪٽ ڀرسان ڪار ۽ ٽرڪ ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار سوار پوليس هيڊڪانسٽيبل قادر بخش ڪيريو ٿڏي تي فوت جڏنهن ته  2 عورتن ، 4 ٻارڙن سميت 6 ڄڻا زخمي. چوٽياريون ٿاڻي جو  جمعدار ۽ ٽنڊو مٺا خان پوليس پڪٽ انچارج قادر بخش ڪيريو پنهنجي فيملي سميت پنهنجي ڳوٺان ڪار تي سانگهڙ نوابشاھ روڊ تي کڏڙي ڏانهن وڃي رهيو هو ته راوتياڻي پوليس پڪٽ جي ڀرسان موڙ وٽ سامهون ايندڙ ٽرڪ سان سندس ڪار ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ هيڊڪانسٽيبل پوليس جمعدار قادر بخش ڪيريو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏنهن ته ڪار ۾ سوار سندس گهرواري 55 ورهين جي مسمات لال خاتون ڪيريو ، 30 ورهين جي عائشه زال رسول بخش ، 13 سالن جي نينگري شمشاد ڌيء رسول بخش ، 11 سالن جي هير ڌيء رسول بخش ، 3 سالن جو قادر داد پٽ رسول بخش ۽ 2 سالن جو گلزار پٽ رسول بخش زخمي ٿي پيا، فوتي ۽ زخمين کي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال سانگهڙ آندو ويو جتي زخمين کي فوري طبي امداد بعد نوابشاھ ريفر ڪيو ويو جتي سندن حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي ، جڏنهن ته سنجهورو پوليس ضروري قانوني ڪارروائي بعد فوتي پوليس اهلڪار جي مڙھ کي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ٻئي طرف پوليس پڪٽ سامهون حادثي باوجود ٽرڪ ڊرائيور ٽرڪ سميت فرار ٿي ويو جنهن بابت اڃا تائين ڪا معلومات نه ملي سگهي آھي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button