بريڪنگ نيوزسنڌ
جوهي سينيئر صحافي فاروق سومرو ۽ امداد سومرو جو والد روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو
جوهي(ن-خ) سينيئر صحافي فاروق سومرو ۽ امداد سومرو جو والد، پرفيسر عزيز سومرو، عبدالغفور سومرو ۽ ڊاڪٽر حميد سومرو جو ڀاءُ سومرا برادري جي معزز شخصيت مولوي واليڏنو سومرو ٻه ڏينهن ڪار جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيڻ بعد گذريل ڏينهن اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد جوهي ويجهو اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، مرحوم جي جنازي نماز ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن، شهرين ۽ سومرا برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مرحوم جو تڏو جوهي شهر ۾ وڇايو ويو جتي پٽن ۽ ڀائرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.