بريڪنگ نيوزقومي

ڏيوالي جو سوچي ننڊ نه ايندي هئي، ڏينهن رات منٿون ڪرڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيو، عام چونڊن ۾ عوام جو فيصلو تسليم ڪنداسين: وزيراعظم

شرقپور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڏيوالي جو سوچي ننڊ نه ايندي هئي، رات ڏينهن منٿون ڪرڻ کانپوءِ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيو. شرقپور ۾ ترقياتي منصوبن جي افتتاح جي تقريب سان خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ملڪ جا ساڍا 4 سال ضايع ڪيا ويا، نواز شريف کي جيل ۾ بند ڪيو ويو، اپوزيشن کي ڀت سان لڳايو ويو، 50 ارب روپيا برطانيا جي بئنڪن ۾ پيا هئا، برطانوي ڪرائم ايجنسي ٻه سال منهنجي خلاف جاچ ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جا 190 ملين پائوند برطانيا جي اڪائونٽن ۾ موجود هئا، برطانوي ايجنسي اشتهار ڏنو ته اهو پئسو پاڪستان جي عوام جو آهي ۽ اتان جي خزاني ۾ ويندو، اهو پئسو اسٽيٽ بئنڪ ۾ اچي ها ته ٺيڪ هو پر پي ٽي آءِ حڪومت لنڊن وڃي ان ڪيس ۾ ايئن ڌر بڻي، جيئن شادي ۾ بنا سڏ جي وڃجي. سندس موجب اهو پئسو پاڪستان جي خزاني ۾ اچڻ بدران سپريم ڪورٽ جي اڪائونٽ ۾ هليو ويو، بند لفافو ڪابينا ۾ ويو، ڪابينا جي هڪ ٻه وزيرن کي ڇڏي سڀني بند لفافي تي منظوري ڏني، خدا نه ڪري لفافي تي ڪشمير جي سودي جو لکيل هجي ها ته ڇا ڪابينا کان ايئن ئي اکيون ٻوٽي صحيحون ورتيون وڃن ها. وزيراعظم چيو ته چونڊن ۾ عوام جو فيصلو تسليم ڪنداسين، رات ڏينهن منٿن کانپوءِ آءِ ايم ايف معاهدو ٿيو، دوست ملڪ جبل جيان گڏ بيٺا، ڪڏهن ڪڏهن ڏيوالي جو سوچي مون کي ننڊ نه ايندي هئي ته عوام اسان کي معاف نه ڪندو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button