بريڪنگ نيوزقومي

پي ٽي آءِ تي ڪا پابندي ناهي، رياست جي بقا لاءِ آخري حد تائين وينداسين، چونڊن بابت ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) نگران وزيراعظم انورالحق ڪاڪڙ هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته 8 فيبروري تي عام چونڊن جي اهتمام تي ڪي به شڪ نه هئڻ گهرجن 9 مئي کان پوءِ رياستي جبر جو ڪو ثبوت سامهون ناهي آيو هي فقط الزام آهي نگران حڪومت قومي معيشت بهتر بنائڻ لاءِ محدود مينڊيٽ ۾ رهندي جيڪو ممڪن آهي ڪري رهي آهي باقي ڪم ايندڙ حڪومت ڪندي 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ٿيا جنهن کان پوءِ ڪيئي ماڻهو روپوش ٿي ويا هن روپوشي دوران ڪنهن سوچ ويچار جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي يا سياست کان پاسو ڪرڻ انهن ماڻهن جو ذاتي فيصلو آهي اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪا تجويز ڪڏهن به غور هيٺ نه هئي هڪ انٽرويو ۾ چونڊن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته 8 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊون ٿينديون وزيراعظم اها اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ عام چونڊون آزاداڻه ٿينديون اسان چونڊن جي اهتمام لاءِ اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ماڻهو مختلف سياسي تجزيه پيش ڪندا رهن ٿا ڪنهن اڳواڻ جي ڪيتري مقبوليت آهي ان جو اندازو عام چونڊن ۾ ٿي ويندو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ان جي پارٽي جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته هن وقت تائين ان تي ڪا پابندي نه آهي مستقبل ۾ ڇا صورتحال ٿيندي ان بابت هو اڃا ڪجهه نٿو چئي سگهي هن چيو ته في الحال اڳوڻو وزيراعظم چونڊ وڙهڻ جي پوزيشن ۾ آهي  هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته 9 مئي تي رياستي ادارن تي حملا ٿيا جنهن کان پوءِ ڪئي ماڻهو روپوش ٿي ويا ان روپوشي دوران ڪنهن سوچ ويچار جي نتيجي ۾ پي ٽي آئي يا سياست کان پاسو ڪرڻ انهن ماڻهن جو ذاتي فيصلو آهي ان بابت هو ڪجهه نٿو چئي سگهي جڏهن ته هن واضح ڪيو ته ان سان گڏ رياستي جبر جو ڪوئي ثبوت سامهون ناهي آيو نه ئي ڪنهن رياستي جبر جي ڳالهه ڪئي هي فقط الزامن جي حد تائين آهي وزيراعظم ليول پلينگ فيلڊ نه هجڻ جي الزامن کي به رد ڪيو وزيراعظم نگران حڪومت جي قومي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوششن تي اطمينان ظآهر ڪندي چيو ته نگران حڪومت وٽ هڪ محدود مينڊيٽ آهي ۽ ان ۾ رهندي اهي جيڪو ڪم ڪري سگهندا ڪندا باقي ڪم ايندڙ حڪومت لاءِ ڇڏي وينداسين هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو دستاويزن کان بغير هتي رهن ٿا اسان کين چيو ته اهي پنهنجي وطن موٽي وڃن ۽ ويزا وٺي جڏهن کين وڻي ٻيهر پاڪستان اچن انهن تي ڪائي مستقل پابندي نه پيا لڳايون هن چيو ته هڪ مربوط نظام جي تحت ويزا جي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعطم چيو ته افغان طالبان سان هن وقت ڪائي باضابطه ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي تحريڪ طالبان پاڪستان جي حوالي سان اسان جي پاليسي واضح آهي اسان ان کي سماج ۽ رياست دشمن سمجهون ٿا ۽ پنهنجي رياست جي بقا لاءِ آخري حد تائين وڙهنداسين غزا تي اسرائيلي جارحيت جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان فوري فائر بندي ۽ انساني راهداري کولرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪڏهن دنيا، او آئي سي ۽ ٻين ملڪن سان گڏ بيهي ها ته اسرائيل تي دٻاءُ وڌائي سگهجي ها وزيراعظم ٻڌايو ته هن دبئي ۾ ڪوپ-28 اجلاس ۾ اردن جي شاهه، آمريڪي سينيٽر جان ڪيري، محمد بن زيد ۽ ڪويت جي ولي عهد سان ان معاملي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button