بريڪنگ نيوزسنڌ

سنڌ عوامي فورم پاران ايس پي ايس سي ۾ ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف عدالت وڃڻ سان گڏ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان

حيدرآباد( رپورٽ: فاضل چنا) سنڌ عوامي فورم سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  جي ڪرپشن، ميرٽ جي لتاڙ ۽ سنڌ جي ھزارين نوجوانن جي مستقبل کي دائود تي لڳائي اربين روپين ۾ نتيجا تبديل ڪري وڏيرن، جاگيردارن  اعليٰ آفيسرن جي اولاد کي پاس ڪرائي نوڪريون ڏيارڻ واري ڪڌي عمل خلاف مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪندي عدالت وڃڻ جو علان ڪندي،  پهرين نومبر کان ڌرڻا  ھڻڻ جو چتاءُ ڏنو آھي، اھڙو اعلان ۽ چتاءُ سنڌ عوامي فورم جي چئيرمين حبيب جتوئي، ڊاڪٽر انورحاجاڻو، ڊاڪٽر حسن لغاري، وڪيل اسلم لغاري ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ھنن چيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن  اربين رپين جي سرعام رشوت وٺي ميرٽ جو قتل عام ڪري سنڌ جي ھزارين اھل نوجوانن جي خوابن ۽ مستقبل جو قتل ڪري وڏيرن، وزيرن،  ڀوتارن،  ڪامورن جي اولاد ۽ سندن ڪمدارن کي ڪميشن جي ڏکئي امتحان ۾ پاس ڪيو آھي ٻي پاسي محنتي اھل نوجوان ٿرپارڪر جو عبدالرحمان راھمون جنھن 93 مارڪون کنيون ان سميت سنڌ جااھل نوجوان جن 90/93  مارڪون کنيو تن کي فيل ڪري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪرپشن جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن، ھنن چيو ته ڪميشن چئيرمين وسيم خان ۽ ٻين ميمبرن پنهنجي ضمير جو سودو ڪري تاريخي ڪرپشن ڪري ميرٽ جو قتل ڪري %90  کان به وڌيڪ سفارشي نااھل وزيرن، مشيرن ۽ خاص طور تي پيپلز پارٽي سان لاڳاپيل اميدوارن جي اولاد کي پاس ڪيو آھي، جڏھن تہ سنڌ جي غريب پورھيتن جا ٻار جن رکي ۽ سُڪي ماني کائي سخت محنت مزدوري ڪري راتين جا اوجاڳا ڪري پڙھائي ڪري ڪميشن جي پيپرن ۾ 90 کان به وڌيڪ مارڪون کنيون تن کي فيل ڪري ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرن تمام وڏو ڏوھه ۽ دھشتگردي ڪئي آھي ان عمل جي کين تمام سخت  سزا ملڻ گھرجي.هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڪرپٽ چيئرمين وسيم خان ۽ سمورن ميمبرن کي فوري طور تي معطل ڪري  عدالتي ڪميشن جوڙي شفاف انڪوائري ڪري  عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، جن اربن ۽ ڪروڙن جي ڪرپشن جو ايف آءِ اي ۽ نيب فوري نوٽيس وٺن، ٽيسٽ جي شفاف ڇنڊ ڇاڻ ڪري سنڌ جي اھل نوجوانن کان سواءِ سمورن نااھل سفارشي ۽ پيسن تي پاس ٿيندڙن جا نتيجا رد ڪيا وڃن، سنڌ جي اھل نوجوانن سان ان ظلم ۽ ناانصافي خلاف سنڌ عوامي فورم مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو اعلان ڪري ٿو جنهن جي  پھرين مرحلي ۾ ھنن جڙتو سفارشي ۽ پيسن تي جاري ٿيل نتيجن کي رد ڪرائڻ لاءِ فوري طور تي ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائڻ ويندي 27 آڪٽوبر جمعي تي 3وڳي اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي 29 آڪٽوبر آچر تي 3وڳي ڄام شورو پريس ڪلب تي سخت احتجاج ڪيو ويندو. پهرين نومبر تي پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس جي گيٽ تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو۽ جيستائين نتيجا رد نه ٿيندا ڪميشن جي ڪرپٽ چورن کي سزائون نه اينديون سنڌ جي غريب محنتي شاگردن سان انصاف نه ٿيندو اسان جي جدوجھد جاري رھندي. اسان سنڌ جي نوجوانن شاگردن وڪيلن صحافين ۽ باضمير ماڻھن کي سنڌ جي نوجوانن جي مستقبل بچائڻ لاءِ  ھن احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪيون ٿا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button