بريڪنگ نيوزسنڌ

کپرو ۾ اعليٰ حضرت پير سيد شاهه مردان شاهه رحه جي سالگرهه تقريب منعقد

کپرو (ن م) ڳوٺ لونگ فقير راڄڙ ۾ دنيا جي عظيم سياسي و روحاني  شخصيت  محسن  و ملت اعليٰ حضرت پير سيد شاھ مردان شاھ  ثاني ڇٽ ڌڻي بادشاھ رحه جن جي95  سالگرهه مبارڪ جو ڪيڪ عقيدت و احترام سان ڪاٽيو ويو جنهن ۾ حرجماعت، پارٽي ورڪرن ۽واسطيدارن شرڪت ڪئي، پروگرام  جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، مختصر تقريري پروگرام ڪيو ويو جنهن ۾ پارٽي ورڪرن قبلا سائين جن جي زندگي تي روشني وڌي اعليٰ حضرت  پير سائين پاڳارا جن جي خضري حياتي، پاڪ فوج ۽ ملڪي سلامتي لاءِ پڻ دعائون  گھريون ويون، تقريب ۾ حرجماعت ۽ واسطيدارن وڏي انگ ۾شرڪت  ڪئي انهن ۾فقير امام بخش ھنگورجو، فقير اسماعيل راڄڙ، حاجي بلاول راڄڙ، حاجي اسحاق راڄڙ، عبدالله راڄڙ، شفيع محمد راڄڙ، آ ر بي راڄڙ، فقير غلام علي راڄڙ، غلام قادر، غلام شبير راڄڙ، غلام حسين جوڻيجو، امين ھنگورجو، حاجي نھال راڄڙ، ميرزمان راڄڙ ۽ ٻين شرڪت  ڪئي آخر ۾ پاڪستان  جي سلامتي، پاڪ فوج جي سلامتي، حرمجاھدن  جي سلامتي لاءِ خصوصي دعائون گھريون ويون.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button