سنڌ

راڻيپور ۾ ٽائون ڪميٽي جي نااهلي خلاف رهواسين جو احتجاج

راڻي پور(ن م) راڻي پور ٽائون ڪاميٽيءَ جي نااھل انتظاميه خلاف شھرين سڪندر سرڪي، علي امداد لاڙڪ، استاد شوڪت گھانگھرو ۽ مدد ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ ٽائون ڪاميٽي راڻي پور جي آفيس اڳيان قائم علامتي بک ھڙتال ارڙھن ڏھاڙي به جاري رھي، جنھن ۾ شھر جي مختلف سياسي سماجي تنظمين جي اڳواڻن پاران سندن سان تڪجھتي لاءِ ڪئمپ تي اچي احتجاج رڪارڊ ڪرائن ٿا، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جو شھر لاوارثن جو شھر بڻجي چڪو آھي،جڏھن ته شھر جي بجيٽ مان سوين اسٽريٽ لائيٽ جا پول لڳرائڻ لاءِ انتظاميه ورتا ھئا، جيڪي بااثرن کي وڪرو ڪري ڏنا ويا آھن، جن خلاف ڪير به ايڪشن کڻڻ لاءِ تيار نه آھي، ھنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته موجوده ايڊمنسٽريٽر خلاف ڪارروائي ٿيڻ تائين اسان ڪنھن به صورت ۾ اھا تحريڪ ختم نه ڪنداسين، تاج ڪورائي پيسن عيوضي راڻي پور شھر جا پول بااثرن کي وڪرو ڪري ڏنا آھن، جنھن جا اسان وٽ پروف پڻ موجود آھن،انھن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، اسان جي جدوجھد سموري شھر ۽ شھرين جي ڀلي لاءِ آھي ان ڪرپٽ مافيا ۽ ان جي ساٿارين کي ڪنھن به صورت ۾ بخش نه ڪنداسين، جن اسان جي شھر ۽ شھرين سان ظلم ڪيو آھي، انھن ظالمن خلاف ھڪ آواز ٿي بيھنداسين، اسان اڳ به اھڙي قسم جا احتجاج رڪارڊ ڪرائي چڪا آھيون، ھنن وڏيڪ اھو پڻ چيو ته شھر ۾ صفائي سٿرائي نالي ڪا به شيءَ موجود نه آھي،ٽائون کي ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود شھري پنھنجي محلن، گھٽن جون صفائيون پاڻ پيا ڪن، انھن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي، جڏھن ته ھتان جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي اک کولڻ جي ضرورت آھي ته ھي انھن جو اباڻو تڪ آھي ڪٿي ائين نه ٿئي جو شھرين سندس خلاف ٿي وڃن، ھنن وس وارين اعليٰ اختيارين کان گھر ڪندي چيو ته شھر جي اسٽريٽ لائيٽن جا پول ۽ ڪروڙين رپين جي ھر مھيني ڪاغذگي ڪاررواين ۾ پوري ٿيندڙ بجيٽ جو حساب وٺي انھن مافيائن خلاف ڪارروائي ڪري شھرين کي بنيادي سھولتون ۽ پول واپس ڪرائي شھر جي مختلف چوڪن چورائن تي ھڻائي ڏنا وڃن، ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو واڌايو ويندو.

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button