بريڪنگ نيوزقومي

قومي اسيمبلي اڄ ٽوڙي ويندي، نگران وزيراعطم جو نالو فائنل نه ٿي سگهيو، حفيظ شيخ، شاهد خاقان عباسي ۽ خليل الرحمان رمدي جي نالن تي غور

اسلام آباد (م ڊ)  وزيراعظم قومي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ اڄ صدر کي سمري موڪليندو، جيڪڏهن صدر سمري منظور نه ڪئي ته اسيمبلي 48 ڪلاڪن اندر پاڻمرادو ٽٽي ويندي، اسيمبلي ٽٽڻ کان پوءِ ملڪ ۾ ايندڙ اليڪشن تائين نگران حڪومت اچي ويندي. نگران وزيراعظم جو نالو اڃا فائنل نه ٿي سگهيو، وزيراعظم شهباز شريف نگران وزيراعظم جي نالن تي مشارت لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض سان اڄ ملاقات ڪندو، اتفاق راءِ کان پوءِ حتمي نالي جو اعلان  ڪيو ويندو. حڪومت پاران اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ جسٽس رٽائرڊ خليل الرحمان رمدي جي نالن تي غور، اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري جليل احمد شيخ جو نالو به گردش ۾ آهي. مخالف ڌر اڳواڻ وزيراعظم وچ ۾ نالي تي اتفاق نه ٿيڻ جي صورت ۾ معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو، پارلياماني ڪميٽي ۾ به اتفاق نه ٿيو ته معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن ويندو .جڏهن ته  قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض چيو اهي ته نگران وزيراعطم لاءِ سندس وزيراعطم شهبازشريف سان مشاورت ناهي ٿي خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راجا رياض چيو تها ڄ اربع تي وزيراعظم سان مشاورت ٿيندي جنهن ۾ پنهنجا نالا ڏيندس هن ٻڌايو ته ساٿين جي مشهوري سان پنهنجا 3 نالا 90 سيڪڙو فائنل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن انکان سوال ڪيو ويو ته چيو پيو وڃي ته نوازشريف نالو فائنل ڪري ڇڏيو اوهان سان مشاورت جو ڪو مقصد نه آهي جنهن تي هن جواب ڏنو ته اوهان ڀلي جيڪو به چئو منهنجي پنهنجي سوچ آهي هن چيو ته دوستن سان مشاورت ڪري ورتي آهي اڄ اربع تي وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي جڏهن ان کان سوال ڪيو ويو ته ڇا جج يا جرنيل ڪوئي نگران وزيراعطم ٿيندو جنهن تي هن چيو ته منهنجا ٽئي نالا بس پاڪستاني هوندا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button