بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو ۾ آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري

دادو(ڊ ر)دادو جا آبادگار زرعي پاڻي جي حاصلات لاءِ ٻئين ڏينهن به سراپا احتجاج بڻيل دادو جي پيارو شاخ،راهوجا شاخ جي آبادگارن جو چيف انجنيئر لاڙڪاڻو ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر دادو خلاف آبادگارن ٻئين ڏينهن به هٿ ۾ بينر کڻي دادو پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اس سخت گرمي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ،آبادگارن فقير غلام حسين هنڱورو،ساجد ، حنيف سولنگي، نويد احمد،منير ھنڱورو،محمد عيسيٰ هنڱورو، حافظ ڏتل جمالي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته پيارو ڊسٽري بيٽري، مانڊول، ٽيل لنڊي سميت ٻين شاخن تي زرعي پاڻي داروغن ۽ انجينئر جي ملي ڀڳت سبب پاڻي رشوت عيوض وڪرو ڪري رهيا آهن پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي،شاخن کي آر سي سي ڊزائين تي ٺاهڻ بدران غلط ترقي سان پائپ ڪڍي زرعي پاڻي چوري ڪرايو پيو وڃي، مختلف شاخن تي لفٽ مشينون لڳائي آبپاشي کاتو پاڻي چوري ڪرڻ سان گڏ زرعي پاڻي ضايع ڪرائي پيو، زرعي پاڻي چوري ڪرائڻ ۾ حد جو داروغو ،ايس ڊي او ۽ انجنيئر ملوث آهن جيڪي آبادگارن جا دشمن هئڻ سان گڏ رياست جا به دشمن بڻيل آهن اگر آبادگار فصل نه اپائيندو ته ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو، هنن چيو ته آس پاس جي علائقن ۾ جر جو پاڻي کارو  ٿي ويو آهي، جيڪو انسان،پکي توڙي جانور لاءِ نقصان ڪار آهي جنهن سان هر ساھ واري شيء جي زندگي لاءِ خطرو آهي جنهن لاءِ اپاءَ وٺڻ جي سخت ضرورت آهي،سڄي ضلعي اندر شاخون واٽر پڪا ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي سنڌ جو آبادگار خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، شاخن کي پڪو ڪرڻ جي نالي تي اربين روپيا هڙپ ڪيا ويا آهن، سنڌ اندر 99 سيڪڙو شاخون پڪيون نه آهن جنهن سبب زرعي پاڻي ضايع ۽ چوري ٿئي پيو، سنڌ اندر شاخون پڪيون ڪرڻ سان گڏ شاخن تي رينجرس مقرر ڪئي وڃي ته جيئن زرعي پاڻي چوري ٿي نه سگهي،هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي سنڌ جي آبادگارن جي داد رسي ڪرڻ سان گڏ پيارو ڊسٽري بيٽري ۽ راهوجا شاخ کي پڪو ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار فصل ڪاهي سگهن، نه ته ڪراچي پريس ڪلب آڏو مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ۽ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو،

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button