بريڪنگ نيوزسنڌ

مٽياري پوليس جون ڪارروايون،6 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مٽياري(رپورٽ: فداحسين سولنگي)ڊي ايس پي مٽياري پير الھرکيو قريشي ۽ ايس ايڇ او مٽياري ذوالفقار اوڍاڻو پريس ڪانفرنس ڪندي مٽياري ٿاڻي جي حدن مان قتل، ڦرن، ڌاڙن توڙي چورين جي وارداتن ۾ ملوث 6 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪندي گرفتار جوابدارن کي ميڊيا اڳيان پيش ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي مٽياري ۽ ايس ايڇ او مٽياري جو چوڻ ھو ته 11 ڏينھن اڳ مٽياري ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان قدير کوسو کي ڏيتي ليتي تان قتل ڪري آپگھات جو ڊرامو رچائيندڙ ٻن جوابدارن محمد جمن مشوري ۽ فداحسين کوسو کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته ھڪ جوابدار ستار کوسو مفرور آھي ان کان سوائي پوليس 5 مھينا اڳ قومي شاھراھه تان ڦر ٿيل ٽريڪٽر برآمد ڪري ھڪ جوابدار خالد لاشاري کي گرفتار ڪرڻ جي پڻ دعويٰ ڪئي آهي مٽياري پوليس دعويٰ ڪئي ته شھر مان موٽرسائيڪل ڦر ۽ چوري ڪندڙ گروھه جي ھڪ جوابدار منظور عرف ڀلو کوسو کي گرفتار ڪري سندس نشاندھي تي 3 موٽرسائيڪل برآمد ڪيا آهن، جڏھن ته ڳھيلن جي گينگ کان پڻ ڦر توڙي چوري ٿيل 4 موٽرسائيڪل برآمد ڪيا ويا آهن ان کان سوائي قومي شاھراھه تي دينار شاخ وٽ ڦر ڪوشش دوران ڪار ڊرائيور کي زخمي ڪندڙ ٻن جوابدارن ڪامڀو عرف طوطو ڳھيلو ۽ يار علي عرف پوڙھو ڳھيلو کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آھي گرفتار جوابدارن تي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڦر، چورين جا ڪيس داخل ٿيل آھن، پريس ڪانفرنس دوران پوليس جي بھترين ڪارڪردگي تي شھرين پاران پوليس اھلڪارن کي اجرڪون توڙي ھار اوڍايا ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button