بريڪنگ نيوزقومي

وزيراعظم جو ترڪيه سان اسٽريٽجڪ جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو عزم

اسلام آباد (بيورو )نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ترڪيه سان خاص ڪري اقتصادي شعبي ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي پاڪستان جو عزم ورجايو آهي. ترڪيه  جي 100هين يوم جمهوريه  جي موقعي تي ترڪ عوام جي نالي هڪ پيغام ۾ هن چيو ته حڪومت ترڪيه سان شين جي واپار جي معاهدي  ۽ تذويراتي  اقتصادي فريم ورڪ تي صحيح سميت اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته گهاٽي، اقتصادي پارٽنر شپ ۽مضبوط رابطا ايندڙ سالن ۾ ٻه طرفو لاڳاپا  اڃا وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. انوار الحق ڪاڪڙ پاڪستان ۽ترڪيه وچ ۾ مذهب ثقافت ۽  تاريخ تي ٻڌل ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. نگران وزيراعظم گذريل 100 سال دوران خاص ڪري صدر رجب طيب اردگان جي  متحرڪ قيادت کي ترڪيه جي شاندار ترقي کي ساراهيو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button